ڪراچي(ويب ڊيسڪ) مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سيد ناصر شاهه وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته بهتر حڪمراني، اثرائتي نظام ۽ عوام جي سهولت لاءِ سڌارن جي ضرورت تي محسن نقوي سان اتفاق آهي، پر انتظامي سڌارا ۽ صوبن جي نئين سر جوڙجڪ ٻه بلڪل مختلف معاملا آهن.
ناصر شاهه چيو ته صوبا رڳو انتظامي يونٽ ناهن، پر انهن جي پنهنجي تاريخ، سڃاڻپ، ثقافت، ٻولي، جاگرافي ۽ آئيني حيثيت آهي، صوبن جي حدن يا حيثيت ۾ تبديلي کي رڳو انتظامي ضرورت قرار نٿو ڏئي سگهجي.
هن چيو ته جيڪڏهن انتظامي اختيار عوام جي ويجهو آڻڻ مقصد آهي ته اهو ڪم موجوده آئيني ڍانچي ۾ به ڪري سگهجي ٿو، نوان ضلعا، ڊويزن ۽ تعلقا ٺاهي سگهجن ٿا، جڏهن ته مڪاني ادارن کي بااختيار بڻائي اختيار هيٺين سطح تائين منتقل ڪري سگهجن ٿا.
سنڌ جي مڪاني حڪومت واري وزير جو چوڻ هو ته سنڌ جو عوام پنهنجي ڌرتي، تاريخ ۽ سڃاڻپ بابت ڪيترائي ڀيرا واضح ۽ گڏيل راءِ ڏئي چڪو آهي، سنڌ جي ورهاڱي جو سوال رڳو هڪ انتظامي تجويز ناهي، پر سنڌ جي عوام جي جذبن، تاريخ ۽ اجتماعي ارادي سان جڙيل معاملو آهي.
ناصر شاهه چيو ته سڌارن لاءِ هر هاڪاري تجويز تي ڳالهائڻ لاءِ تيار آهيون، پر سنڌ جي وحدت تي ڪو به سمجهوتو نٿو ٿي سگهي، جيڪڏهن عوام جي راءِ جي احترام جي ڳالهه آهي ته سنڌ جي عوام جي واضح ۽ مسلسل راءِ جو به احترام ٿيڻ گهرجي.
هن چيو ته صوبن کي ڪمزور ڪرڻ سان پاڪستان مضبوط نه ٿيندو، پاڪستان مضبوط وفاق ۽ صوبن وچ ۾ آئيني هم آهنگي، اختيارن جي منصفاڻي ورڇ ۽ سمورين وحدتن جي حقن جي تحفظ سان مضبوط ٿيندو.
ناصر شاهه جو چوڻ هو ته پاڪستان جي سالميت، مضبوطي ۽ استحڪام اسان لاءِ تمام اهم آهي، محسن نقوي قابل احترام آهي، پر کيس درخواست آهي ته معاملي جي حساسيت ۽ اهميت کي سمجهي.
محسن نقوي قابل احترامآهي، بهتر حڪمراني، اثرائتي نظام ۽ عوامي سهولت لاءِ سڌارن واري ڳالهه تي ساڻس اتفاق ڪيان ٿو: ناصر شاهه
You might also like