بلاول جي صدر زرداري ۾ 5 ڪلاڪن تائين ڊگهي ملاقات، سنڌ جي ورهاڱي واري موقف تان پوئتي نه هٽڻ جو فيصلو

لنڊن(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو جي پنهنجي والد ۽ ملڪ جي صدر آصف علي زرداري سان اهم ملاقات ٿي، جنهن ۾ سنڌ جي ورهاڱي بابت پيپلز پارٽي جي موقف تي قائم رهڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
ملاقات لنڊن ۾ آصف زرداري جي رهائشگاهه تي ٿي، جنهن ۾ بختاور ڀٽو زرداري به شرڪت ڪئي.
ذريعن موجب، ملاقات 5 ڪلاڪن تائين جاري رهي، جنهن دوران بلاول ڀٽو صدر پاڪستان جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات ۾ سنڌ جي ورهاڱي بابت پيپلز پارٽي جي موقف تي قائم رهڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جڏهن ته ملاقات دوران فريال ٽالپر جي تقرير به بحث هيٺ آئي.
ملاقات کانپوءِ بلاول ۽ بختاور ڀٽو زرداري پنهنجي رهائشگاهه ڏانهن روانا ٿي ويا، بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته هو ايندڙ ڪجهه ڏينهن تائين لنڊن ۾ موجود رهندو.

You might also like