نون صوبن جو فارمولو: ريفرنڊم کان آئيني ترميم تائين، محسن نقوي جي تقرير تي سوال اُٿڻ لڳا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سينيئر صحافي، اديب ۽ ليکڪ اشفاق آذر چيو آهي ته محسن نقوي نيٺ نون صوبن واري معاملي جا خدوخال پڌرا ڪري ڇڏيا آهن.
سوشل ميڊيا تي گهرو وزير محسن نقوي جي ڇنڇر ڏينهن ڪيل تقرير تي تبصرو ڪندي اشفاق آذر لکيو ته ”گهرو وزير جي تقرير جون مکيه ڳالهيون هي آهن ته هو نون صوبن واري هوڏ تي قائم آهي ۽ چئي ٿو ته نوان صوبا هر صورت ۾ ٺهندا.“
اشفاق آذر موجب، ان سلسلي ۾ پهريون قدم عوامي راءِ، يعني ريفرينڊم هوندو، هو آئين جي دائري ۾ رهندي نوان صوبا چاهين ٿا، يعني ريفرينڊم کانپوءِ ٻيو قدم آئيني ترميم هوندو.
هن چيو ته جيتري قدر ريفرينڊم جو تعلق آهي ته ان جو آئيني ترميم سان ڪو تعلق ناهي، ماضي ۾ پاڻ ضياءَ ۽ مشرف جا ريفرينڊم ڏسي چڪا آهيون، تنهن ڪري مهرباني ڪري اهو پاڻ وٽ رکو.
اشفاق آذر چيو ته آئيني ترميم پيپلز پارٽي کانسواءِ ٿي نٿي سگهي. قومي اسيمبلي ۾ جيڪڏهن پيپلز پارٽي بدران تحريڪ انصاف ڪلهو ڏنو ته سينيٽ ۾ ڇا ڪندا؟
هن وڌيڪ چيو ته جيڪو ڪجهه ٿيڻ وارو آهي، ان مان لڳي ٿو ته هي معاملو ”موت چئي بخار ڏيڻ“ وارو گهٽ، پر هن ملڪ کي وڌيڪ بحرانن ۽ گهوٽالن جي ور چاڙهڻ وارو وڌيڪ آهي. هن ملڪ جي پاليسي سازن جي پاڳلپڻي جي شايد ڪا حد ئي ناهي!

You might also like