اسلام آباد (بيورو) ملڪ جي واهپيدارن لاءِ بجلي مهانگي ڪئي وئي، نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) ملڪ ۾ ماهوار ۽ ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ تحت بجلي جي اگهن ۾ واڌ جو فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، نيپرا جي فيصلي موجب ماهوار ايڊجسٽمينٽ ۾ بجلي 2 رپيا 8 پئسا في يونٽ مهانگي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ٽي ماهي ايڊجسٽمينٽ ۾ بجلي جي قيمت ۾ 52 پئسا في يونٽ واڌ ڪئي وئي آهي، ماهوار ايڊجسٽمينٽ تحت ڪيل واڌ سيپٽمبر جي بجلي بلن ۾ لاڳو ٿيندي، جولاءِ جي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ تحت واهپيدارن تي 33 ارب رپين جو اضافي بار منتقل ٿيندو.