ڊفينس ۾ ڀيڻ ڀاءُ تي تشدد، جاچ ۾ ايس ايس پي ڪورنگي ذميوار قرار، ڪارروائي جي سفارش

ڪراچي (رپورٽر)ڪراچي جي پوش علائقي ڊفينس ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ بااثر عورت پاران ڀيڻ ڀاءُ تي تشدد واري معاملي جي جاچ رپورٽ مڪمل ڪئي وئي، جاچ ڪميٽي جي رپورٽ جا تفصيل سامهون اچي ويا، ذريعن موجب جاچ رپورٽ ۾ ايس ايس پي ڪورنگي فدا جانوري کي پڻ معاملي جو ذميوار قرار ڏنو ويو، جڏهن ته متاثر خاندان خلاف داخل ڪيس کي بي ڪلاس يعني خارج ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي، رپورٽ ۾ ضلعي ڪورنگي جي 4 پوليس اهلڪارن خلاف قانوني ڪارروائي جي سفارش ڪئي وئي، ذريعن جو چوڻ آهي ته رپورٽ جي روشني ۾ ايس ايڇ او درخشان راشد علي، ايس آءِ او عمران ۽ پوليس موبائل آفيسر آفتاب خلاف پڻ ڪارروائي ڪئي ويندي، جڏهن ته متاثر خاندان جي فرياد تي ڪيس داخل ڪرڻ جي سفارش به ڪئي وئي، جاچ ڪميٽي وڊيو ۾ نظر ايندڙ ٻن عورتن ۽ هڪ مرد خلاف پڻ ڪيس داخل ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ايس ايس پي ڪورنگي فدا جانوري طرفان معاملي ۾ انتظامي غفلت ڪئي وئي، تنهن ڪري سندس خلاف پڻ ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، ڊي آءِ جي ڏکڻ اسد رضا جو چوڻ آهي ته وڊيو ۾ تشدد ڪندڙ سمورا ماڻهو فدا جانوري جا ويجها مائٽ آهن، واقعي بابت شفاف جاچ ڪئي وئي آهي ۽ تحقيقاتي رپورٽ جي روشني ۾ ذميوارن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي، ڊي آءِ جي ڏکڻ موجب تحقيقاتي ڪميٽي جي رپورٽ وڌيڪ ڪارروائي لاءِ ايڊيشنل آءِ جي ڏانهن موڪلي وئي آهي.

You might also like