ڀارت ۽ جپان پهريون ڀيرو انٽرنيشل ٽي ٽوئنٽي ۾ دوبدو، شيڊيول جاري

ممبئي(ويب ڊيسڪ) ڀارت ۽ جپان جون ڪرڪيٽ ٽيمون 22 سيپٽمبر تي پهريون ڀيرو ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچ ۾ آمهون سامهون ٿينديون، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ هي پهريون عالمي مقابلو هوندو.
هي تاريخي ميچ جپان جي توچيگي پريفيڪچر ۾ سانو انٽرنيشنل ڪرڪيٽ گرائونڊ تي کيڏي ويندي ۽ ”سوزوڪي ڪپ“ جو حصو هوندي.
ميچ ڀارت ۽ جپان وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي 75هين سالگرهه جي جشن جي موقعي کيڏي ويندي.
هي مقابلو ”اسپورٽ 75“ مهم جو پهريون قدم پڻ هوندو، جنهن جو مقصد ڀارت ۽ جپان وچ ۾ راندين جي شعبي ۾ سهڪار ۽ عوامي رابطن کي هٿي ڏيڻ آهي.
هي مهم ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي ۽ جپاني وزيراعظم ساني تاڪائيچي وچ ۾ ٿيل اجلاس دوران ٿيل معاهدي جي نتيجي ۾ شروع ڪئي وئي.
ڀارتي ٽيم ٽي ٽوئنٽي جي ورلڊ ڪپ چيمپئن آهي، جڏهن ته ٻنهي ٽيمن کي ايشين گيمز 2026ع جي ڪرڪيٽ مقابلي ۾ به شرڪت ڪرڻي آهي.
بي سي سي آءِ جي سيڪريٽري ديوجيت سائيڪيا موجب، ڀارت ۽ جپان وچ ۾ هي تاريخي مقابلو ڪرڪيٽ لاءِ اهم موقعو آهي، ڇاڪاڻ ته ان سان ڀارتي ٽيم نئين ميدان تي کيڏندي ۽ جپان توڙي اوڀر ايشيا ۾ وڌيڪ ماڻهن تائين ڪرڪيٽ کي متعارف ڪرائڻ جو موقعو ملندو.
جپان ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن جي سي اي او ناوڪي ميياجي چيو ته موجودا عالمي چيمپئن ڀارت کي جپان ۾ کيڏڻ لاءِ آجيان ڪرڻ سندن ايسوسيئيشن لاءِ تاريخي موقعو هوندو.

You might also like