پريتي زنٽا روز 18 ڪلاڪ ڪم ڪرڻ لڳي، پر ڇو؟ اصل ڪارڻ سامهون اچي ويو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي من موهڻي اداڪارا پريتي زنٽا فلمي دنيا ۾ واپسيءَ دوران روزانو 18 ڪلاڪ ڪم ڪرڻ بابت خاموشي ٽوڙي ڇڏي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب،51 ورهين جي اداڪارا ممبئي ۾ پنهنجي ايندڙ اسپاءِ ڪاميڊي فلم ”وائب“ جي ٽريلر لانچ جي موقعي تي ڊگهي ڪم بابت ڳالهائيندي چيو ته فلم جي شوٽنگ دوران لڳ ڀڳ روزانو ڊگهي شفٽ هوندي هئي، تنهن هوندي به مون پاڻ 18 ڪلاڪ ڪم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، ڇاڪاڻ ته مان پنهنجو ڪم جلد مڪمل ڪري آمريڪا ۾ رهندڙ پنهنجن ٻارن وٽ واپس وڃڻ چاهيان ٿي.
اداڪارا موجب، ته ڪم جلد مڪمل ڪرڻ جي عزم سبب فلم جي شوٽنگ دوران هن ڀارت ۾ سماجي سرگرمين ۾ پڻ حصو نه ورتو ۽ نه ئي ڪنهن سان ميل ملاقات جا منصوبا ٺاهيا.
پريتي زنٽا وضاحت ڪئي ته فلم جي شوٽنگ دوران حالتون هميشه هڪجهڙيون نه هونديون آهن، ڪڏهن برسات، ڪڏهن بيماري ۽ ڪڏهن ايڪشن سان لاڳاپيل مختلف مسئلن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي، مان ڀارت رڳو 30 کان 40 ڏينهن لاءِ آئي هيس، ان ڪري مون ڪم جي ڊگهي دورانيي تي اعتراض نه واريو.
واضح رهي ته پريتي زنٽا آگسٽ 2026ع ۾ ”بٽوارا 1947ع“ ذريعي بالي ووڊ ۾ واپسي ڪئي آهي، اهڙيءَ ريت اٽڪل 8 سالن کانپوءِ وڏي پردي تي سندس واپسي ٿي آهي.
سندس آخري ٿيٽر رليز ”ڀائي جِي سپر هٽ“ نومبر 2018ع جي فلم هئي.
ٻئي پاسي فلم ”وائب“ڪُنال کيمو نه رڳو لکي آهي، پر ان جو هدايتڪار ۽ پروڊيوسر به هو پاڻ ئي آهي، جڏهن ته هن فلم ۾ مُک ڪردار پڻ ادا ڪيو آهي.

You might also like