”آمريڪا ايران تي حملن لاءِ عرب ملڪن جون هوائي، زميني ۽ سامونڊي حدون استعمال ڪيون“،عراقچي اردن کي آئينو ڏيکاري ڇڏيو

تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي پنهنجي اردني هم منصب جي تازن بيانن تي ردعمل ڏيندي سوال ڪيو آهي ته ”اردني پرڏيهي وزير جي راءِ ۾ ايران کي اهڙي اڳرائيءَ جواب ڏيڻ لاءِ ڪيترو انتظار ڪرڻ گهرجي، جيڪو نه عرب ۽ نه ئي ايراني خودمختياري جو احترام ڪري ٿو؟“
ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ عباس عراقچي چيو ته ايران تي آمريڪا جي شروعاتي حملن دوران عرب ملڪن جي هوائي، زميني ۽ سامونڊي حدن کي استعمال ڪيو ويو هو، جڏهن ته هن اردني پرڏيهي وزير تي اڻڄاڻائي جو الزام پڻ لڳايو.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن هڪ سرڪاري بيان ۾ اردن جي پرڏيهي وزارت ڪويت تي ايران جي حملن کي وحشياڻو قرار ڏيندي چيو هو ته اهي حملا قومي خودمختياري جي کليل خلاف ورزي، سلامتي، استحڪام ۽ علائقائي سالميت لاءِ خطرو ۽ بين الاقوامي قانون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي کليل ڀڃڪڙي آهن.
ٻئي پاسي قطر جي پرڏيهي وزارت ڪويت سان ايڪي جو اظهار ڪندي هڪ بيان ۾ چيو هو ته اهي حملا ڇڪتاڻ گهٽائڻ جي ڪوششن کي پيچيده بڻائين ٿا ۽ خطي ۾ سلامتي ۽ استحڪام کي يقيني بڻائڻ لاءِ جاري سفارتي ڪوششن کي نقصان پهچائي سگهن ٿا.

 

You might also like