ڪئنالن وانگر صوبن تي به اسٽيبلشمينٽ کي پ پ شڪست ڏيندي؟

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) ناليواري تجزئي نگار حفيظ الله نيازي چيو آهي ته مان ذاتي طور زرداري کي نٿو سڃاڻان. تنهن هوندي به منهنجو تجزيو ۽ سياسي سمجهه مون کي اهو ٻڌائي ٿي ته سنڌ سان لاڳاپيل معاملن ۽ موجوده اهم مسئلن، مثال طور صوبي جي ورهاڱي ۽ ڇهن ڪئنال جهڙن معاملن تي، شايد زرداري ڪنهن به سوديبازي جو حصو نه بڻجندو۽ نه ئي ڪنهن اهڙي ڊيل کي ويجهو اچڻ ڏيندو،هن چيو ته ڇهن  ڪئنالن  وانگر صوبي جي ورهاڱي واري معاملي تي به اسان جي اسٽيبلشمينٽ کي هڪ ڀيرو ٻيهر پيپلز پارٽيءَ کان شڪست کائڻي پوندي ۽ هار مڃڻي پوندي ـــ يعني صوبن واري معاملي تان پوئتي هٽڻو پوندوهن چيو ته .اسٽيبلشمينٽ هن معاملي تي جن گهوڙن کي ميدان ۾ لاٿو آهي ۽ جيڪي ان کي اڳتي وڌائي رهيا آهن، انهن کي اصطبل ۾ ٻڌي رکڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته هونئن به اهي صاحب سياسي ڊوڙ جا گهوڙا ناهن، سياسي ميدان ۾ انهن جي ڪا حيثيت ناهي. اهڙن معاملن تي 25 ڪروڙ عوام جي حمايت به ٻڙي ضرب ٻڙي رهندي هن چيو ته  جيستائين 2015ع جي ڳالهه آهي، جڏهن زرداري ملڪ ڇڏي ويو هو ته 2017ع ۾ هو پنهنجي شرطن تي ئي واپس آيو هو ڇاڪاڻ ته اسٽيبلشمينٽ عمران خان کي اقتدار جي مسند تي ويهارڻ چاهي ٿي ۽ ان لاءِ زرداري  جي حمايت اڻٽر هئي.پوءِ ٻنهي ڀائرن، يعني زرداري  ۽ عمران خان، ڪرپشن خلاف هڪ ”انقلابي مهم ۽ تحريڪ“ هلائي، گڏيل جلسا ڪيا. انهيءَ مهم جو نتيجو اهو نڪتو ته سينيٽ ۾ گڏيل چونڊ وڙهي وئي ۽ ”هڪ زرداري سڀني تي ڀاري“ جي بينر هيٺ سليم مانڊوي والا کي ڪامياب ڪرايو ويوهن لکيو ته .بهرحال وطنِ عزيز جي سياست دلچسپ آهي، بلڪل به بورنگ ناهي. هتي هر اڳواڻ جي تعريف يا تنقيد لاءِ هر ڪنهن وٽ پنهنجا پنهنجا دليل ۽ ڪافي مواد موجود آهي.البت اسٽيبلشمينٽ کي اها سهولت حاصل آهي ته جنهن جي آڱر پڪڙيندي، اهو ئي ساڻس گڏ هلڻ شروع ڪري ڇڏيندو. عمران خان ۽ نواز شريف هميشه آسانيءَ سان دستياب رهندا، جڏهن ته زرداري ۽ مولانا فضل الرحمان جي قيمت ماضي ۾ به هميشه ڳري ادا ڪرڻي پئي آهي ۽ مستقبل ۾ به اهي سستي اگهه تي دستياب نه ٿيندا.

You might also like