اسٽيبلشمينٽ ۽ پ پ ۾ ويڙهه شروع؟صدر زرداري جي جلاوطني جو پڙاڏو؟

اسلام آباد( منيب فاروق)ڇا واقعي ڪو ‘لنڊن پلان’ آهي؟ هن وقت نواز شريف سنگاپور، صدر آصف علي  زرداري،بلاول ڀٽو،محسن نقوي، وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ،لنڊن ۾ آهن، محسن نقوي جي صدر سان ملاقات به ٿي آهي ته  افواهن ۽جعلي خبرن جو بازار گرم ٿيل آهي،پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ اسٽيبلشمينٽ ۾  ويڙهه شروع ٿي چڪي آهي.ذريعن موجب هيءَ رڪجڻ واري ناهي،سياسي گرمي پد وڌندو،اسٽيبلشمينٽ پنهنجي منصوبي ۾ رڪاوٽ برداشت نه ڪندي يا ته ان ۾ ٻنهي طرفن کان ڪنهن هڪ جي پوري سوڀ ٿيندي يا پوري شڪست پاڪستان پيپلز پارٽي نون صوبن تي راضي ٿيڻ  لاءِ تيار ناهي.سينئر صحافي محمد مالڪ دعويٰ ڪئي ته  محسن نقوي صدر زرداري سان ملاقات ۾ 8 ڏينهن جو ٽائيم ڏنو آهي ته جنهن تي سوچي ٻڌائي ڇڏيو. جڏهن ته وزيراعظم  شهباز شريف جو في الحال ڪٿي وڃڻ جو ڪو ارادو ناهي،ٻاهر ويل اڳواڻ به سڀ واپس ايندا،اسٽيبلشمينٽ سان پاڪستان پيپلز پارٽي جو جهيڙو واضح نموني سامهون اچي چڪو آهي، ۽ اهي پنهنجي موقف تبديل ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. ان جو نتيجو ڇا نڪري ٿو؟ اهو ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ڏسنداسين، نظر ايندو ته حدون وڌي وڃن ٿيون، سوال اهو آهي ته ڇا  پيپلز پارٽي انتظامي آئيني عهدا ڇڏي ڪٿي ٻئي هلي ويندي؟انتظامي يونٽن واري معاملي تي پ پ جي انڪار سبب ٿي سگهي ٿو پي ٽي آءِ کي گڏ ملائي آئيني ترميم ڪئي وڃي،اسٽيبلشمينٽ جي ويجهو رهندڙ ذريعا پي ٽي آءِ کي صلاحون ڏئي رهيا آهن ته ان کي ان موقعي مان فائدو وٺڻ گهرجي، ٻئي پاسي عمران خان جيل ۾  پنهنجي سيل جي اندر موجود آهن، صحت مند ۽ ڀرپور جذبي سان ويٺل آهي، روٽين سان کاڌو کائڻ، ايڪسرسائيز سڀ ڪجهه هلي رهيو آهي. ٻئي پاسي مسلم ليگ نواز نون صوبن واري معاملي تي پي ايم ايل اين خاموش۽ آن بورڊ آهي وزيراعظم شهبازشريف، نواز شريف ۽ مريم نواز شريف ان معاملي تي خاموش آهن، پنجاب جي اسيمبلي خاموش آهي،ن ليگ هن وقت پ پ جو قد ماپي رهي آهي، پارٽي  قيادت پاران اسٽيبلشمينٽ سان ويڙهه نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو يو آهي، ڪئنالن واري معاملي تي به  پيپلز پارٽي هڪ مثال قائم ڪيو آهي. جهيڙو ٿيو ته صدر زرداري کي ڪو لاهي نٿو سگهي ٻئي پاسي اسٽيبلشمينٽ به ضد ڏئي بيٺل  آهي ته هي عوام جو معاملو آهي، هي عوام جي ڀلائي  جو معاملو آهي. تنهن ڪري هي ڪم اسان کي  ڪرڻو آهي،

You might also like