ڪنڌڪوٽ ڀرسان فائرنگ، بنگوار برادري جو چڱو مڙس قتل

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: ممتازسنڌي) ڪنڌ ڪوٽ ڀرسان بنگوار ۽ محمداڻي برادري جي ڌرين ۾ ھلندڙ خوني تڪرار سبب بنگوار برادري جو چڱو مڙس غلام مرتضيٰ بنگوار قتل ٿي ويو، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو ته ڳوٺ جمال خان بنگوار پوليس ٿاڻي بخشاپور جي حد ۾ بنگوار ۽ محمداڻي برادري جي خوني تڪرار سبب هٿياربندن فائرنگ ڪري بنگوار برادري جي چڱي مڙس غلام مرتضيٰ خان عرف پپو بنگوار کي قتل ڪري ڇڏيو، چڱي مڙس جي قتل کان پوءِ بنگوار برادري جا ماڻھو وڏي انگ ۾ پھچي لاش کڻي سول اسپتال آندو جتي نوجوان چڱي مڙس جو لاش ڏسي وارث روئيندا رهيا، ڪجھه سال اڳ ڪارنھن تڪرار شروع ٿيو ھو جنهن ۾ عورتن سميت ٻنھي ڌرين جا 12 ڄڻا قتل ٿي چڪا آهن، واقعي تي پوليس ڪا به ڪارروائي  نه ڪئي، جڏھن ته محمداڻي برادري جي ماڻھن قتل ڪرڻ بعد خوشي ۾ فائرنگ پڻ ڪري سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي.

You might also like