اسلام آباد(بيورو) وزيراعظم محمد شهباز شريف پمز ۾ باهه لڳڻ واري واقعي دوران پنهنجي جان خطري ۾ وجهي هڪ نئين ڄاول ٻار جي جان بچائيندڙ نرس رضيه نورين سان ملاقات ڪئي.پڌرائي موجب وزيراعظم نرس رضيه نورين جي خدمتن جي اعتراف ۾ کيس 23 مارچ تي تمغه خدمت ڏيڻ جو اعلان ڪيو، جڏهن ته کيس هڪ ڪروڙ رپين جو انعام پڻ ڏنو.شهباز شريف چيو ته اوهان جنهن همت، خدا خوفِي ۽ هڪ عظيم مقصد لاءِ پنهنجي جان هٿ تي رکي هڪ ٻار جي جان بچائي، الله تعاليٰ اوهان کي ان جو اجر عطا فرمائيندو. سڄي قوم کي اوهان جي هن جرئت ۽ همت تي فخر آهي ۽ قوم اوهان کي خراجِ تحسين پيش ڪري رهي آهي.ٻئي طرف پمز جي باهه واري واقعي دوران نرس رضيه نورين جي جرئت ۽ بهادري کي عالمي سطح تي به ساراهيو پيو وڃي.واشنگٽن پوسٽ پڻ واقعي جي رپورٽ ڪندي لکيو ته نرس رضيه پنهنجي جان خطري ۾ وجهي صرف 8 سيڪنڊن اندر نئين ڄاول ٻار کي باهه مان بچايو. نرس رضيه کي قومي هيرو قرار ڏنو پيو وڃي. اخبار موجب پاڪستان حڪومت نرس رضيه نورين کي تمغه خدمت ۽ مالي انعام ڏيڻ جو پڻ اعلان ڪيو آهي.رضيه نورين چيو ته باهه ۾ داخل ٿيڻ وقت هن پنهنجي جان بابت نه، پر ٻارن بابت سوچيو. واشنگٽن پوسٽ سان ڳالهائيندي هن چيو ته هن اهو سڀ ڪجهه هيرو بڻجڻ لاءِ نه، پر هڪ نرس ۽ ماءُ جي حيثيت سان پنهنجو فرض سمجهي ڪيو.ان کان اڳ نرس رضيه نورين هڪ ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته ”مان ان لائق ناهيان. مون تمام گهڻي ڪوشش ڪئي ته باقي ٻارن کي به بچائي سگهان، پر باهه ايتري تيز هئي جو مان باقي ٻارن کي بچائي نه سگهيس.“هن وزيراعظم ۽ ٻين سڀني ماڻهن جا ٿورا مڃيندي چيو ته هنن کيس ان لائق سمجهيو.رضيه نورين چيو ته مون پنهنجي ذميواري ادا ڪئي آهي. مون اهو سڀ ڪجهه ڪنهن ايوارڊ لاءِ نه ڪيو هو، منهنجي لاءِ ٻارن جون جانيون سڀ کان وڌيڪ قيمتي هيون. مون کي ٻارن سان ڪم ڪرڻ ۽ ٻارن سان گهڻو لڳاءُ آهي.هن چيو ته مان باقي ٻارن کي به بچائڻ چاهيان ٿي، پر انهن کي بچائي نه سگهيس، جنهن جو مون کي اڄ به ڏک آهي. ”مون کي ننڊ نٿي اچي، اهي ٻار مون کي سمهڻ نٿا ڏين. مون تمام گهڻي ڪوشش ڪئي ته باقي ٻارن کي به بچائي وٺان، پر باهه تمام تيز هئي. مون ڪو احسان ناهي ڪيو، پنهنجي ڊيوٽي ادا ڪئي آهي.