”اوهان ڪراچي کي يرغمال بڻايو، اسان سڀ وڊيوز ڏٺيون آهن“، مرتضيٰ وهاب جي جماعت اسلامي تي تنقيد

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته عوام کي ڏکيائين مان ڪڍڻ اسان جي ذميواري آهي، دڪان بند ڪرائي نه پر عوام کي سهولتون فراهم ڪري رليف ڏينداسين، هن سنڌ جي وڏي وزير کان اپيل ڪئي ته ڪراچي کي بند ڪرائيندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.
ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب ناظم آباد بلاڪ جي ۾ ترقياتي ڪمن کانپوءِ روڊن جي بحالي واري منصوبي جو افتتاح ڪري ڇڏيو.
مرتضيٰ وهاب چيو ته ناظم آباد ۾ عوام کي درپيش مختلف مسئلا حل ڪيا ويا آهن، شهر جا وسيلا عوام جي امانت ۽ انهن جو حق آهن. هتي گندي پاڻي جي نيڪال جا مسئلا ۽ ٽٽل روڊ هئا، سمورا مسئلا حل ڪري روڊ ٻيهر تعمير ڪيا ويا آهن، جڏهن ته اندروني روڊن تي پيوَر لڳايا ويا ۽ ٽٽل روڊن جي ٻيهر تعمير جو ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي.
هن چيو ته ڪي ايم سي جي اڪائونٽ ۾ موجود هڪ هڪ پائي عوام جي آهي، تنقيد ڪندڙ تنقيد ڪندا رهن ۽ تعصب پکيڙيندڙ تعصب پکيڙيندا رهن، عوام جي خدمت اسان جي ذميواري آهي. رڳو بيان نه، پر عملي قدم کنيا ويندا.
ميئر ڪراچي چيو ته ماضي وانگر شهر کي ٻيهر بند ڪرڻ جي سياست ڪئي پئي وڃي، شهر بند ڪندڙن کي ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ طبقي جي مسئلن جو ڪو خيال ناهي.
هن چيو ته وڏي مشڪل ۽ جدوجهد کانپوءِ شهر جون حالتون بهتر ٿيون هيون، پر هاڻي ٻيهر ساڳيو عمل ڪيو پيو وڃي، جنهن تي مون کي حيرت ٿئي ٿي.
مرتضيٰ وهاب وڌيڪ چيو ته هڪ صاحب چئي رهيو هو ته واپارين جو ساٿ ڏيڻ تي شڪريو، پر اوهان شهر کي يرغمال بڻايو هو، اسان سڀني وڊيوز ڏٺيون آهن.

 

You might also like