ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلزپارٽي (پ پ پ) جي اڳواڻ تيمور ٽالپر چئلينج ڏنو آهي ته ڪو به يورپي ملڪ سنڌ جهڙو نظام ٺاهي ڏيکاري.
سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران خيالن جو اظهار ڪندي تيمور ٽالپر چيو ته سنڌ حڪومت جيڪي ڪم ڪري رهي آهي، ان کان وڌيڪ ٻيو ڇا ڪري؟ سنڌ جي نظام تي تنقيد ڪندڙن کي پهريان هتي ٿيل ترقياتي ڪم ڏسڻ گهرجن.
هن چيو ته جيڪڏهن ننڍا ڊويزن ٺاهڻ سان گورننس بهتر ٿي سگهي ٿي ته ان تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وڃي.
هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي ورهاڱي بدران موجوده نظام ۾ گورننس وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي، سنڌ حڪومت گورننس بهتر ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي ۽ ان ۾ وڌيڪ بهتري آندي ويندي.