سنڌ جي ورهاڱي خلاف اسيمبلي ۾ ٻيهر ٺهراءُ منظور، ايم ڪيو ايم جو واڪ آئوٽ، پ پ اڳواڻ ايوان ۾ ”ڌرتي ماءُ آهي“ جا بينر کڻي آيا
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ اسيمبلي هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ جي امڪاني ورهاڱي خلاف ٺهراءُ منظور ڪري ورتو، جڏهن ته ٺهراءُ پيش ٿيڻ کان اڳ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ميمبرن ايوان مان واڪ آئوٽ ڪيو.
پاڪستان پيپلزپارٽي جي ميمبرن ”ڌرتي ماءُ آهي“ جا بينر کڻي سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.
ان کان اڳ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ايم ڪيو ايم جي واڪ آئوٽ تي سخت ردعمل ڏيندي چيو ته ايم ڪيو ايم جا ميمبر واڪ آئوٽ جو بهانو بڻائي ايوان مان ڀڄڻ چاهين ٿا.
هن چيو ته علي خورشيدي جو واڪ آئوٽ ڪرڻ اڳواٽ طئي ٿيل هو، ڇاڪاڻ ته هو هن تاريخي ڏينهن تي ووٽنگ ۾ شامل ٿيڻ نٿا چاهين، واڪ آئوٽ جو بهانو بڻائي اهي اسيمبلي فلور ڇڏي ڀڄي رهيا آهن، تاريخ انهن کي ياد رکندي.
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته تاريخي موقعي تي ايم ڪيو ايم اسيمبلي فلور ڇڏي ڀڄي رهي آهي.
هن چيو ته جنهن طريقي سان اڄ پي ٽي آءِ بائيڪاٽ ڪيو ۽ ڪالهه پي ٽي آءِ جا ميمبر چئي رهيا هئا ته هو ٺهراءَ جي حمايت ۾ ووٽ ڏيندا، اڄ صورتحال بلڪل واضح ٿي وئي آهي.
صوبائي وزير چيو ته سڄي سنڌ ۽ سڄو پاڪستان ڏسي رهيو آهي، جڏهن ته سنڌ جي سامهون متحده قومي موومينٽ وائکي ٿي وئي آهي.
هن چيو ته واحد پاڪستان پيپلزپارٽي آهي، جيڪا سنڌ جي عوام سان گڏ بيٺل آهي ۽ انشاءَالله مرڻ گهڙي تائين گڏ بيٺل رهندي.
ان موقعي تي سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر اويس قادر شاهه چيو ته اڃا بحث واري رٿ ختم ناهي ٿي، ليڊر آف دي هائوس جي تقرير به باقي آهي.
ان تي قانون واري وزير ضياءَ الحسن لنجار چيو ته اپوزيشن ليڊر ڳالهائي چڪو آهي، جڏهن ته ٺهراءُ اڃا تائين سامهون ناهي آيو ۽ هن وقت بحث واري رٿ تي ڳالهه ٿي رهي آهي.
اسپيڪر چيو ته سڄي سنڌ ۽ پاڪستان ڏسي چڪو آهي ته بحث واري رٿ تي ڪير حمايت ۾ آهي ۽ ڪير مخالفت ۾.
هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جو غيرتمند عوام اڄ جي تاريخ جو حصو بڻجندڙ هن اجلاس کي هميشه ياد رکندو ته سنڌ جا سپوت ڪير آهن ۽ ڪير سنڌ جي ماڻهن سان گڏ بيٺل آهن.