سنڌ جي ورهاڱي جي ڳالهه ٿي ته وزارت کي لت هڻنداسين، اسيمبلي ڇڏي ڏينداسين، جان به قربان ڪنداسين: سعيد غني

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) صوبائي وزير ۽ پيپلزپارٽي جي اڳواڻ سعيد غني چيو آهي ته سنڌ جي ورهاڱي جي ڳالهه ٿيندي ته وزارت کي لت هڻنداسين، اسيمبلي جي ميمبرشپ به ڇڏي ڏينداسين ۽ ضرورت پئي ته جان به ڏئي ڇڏينداسين.
سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ سعيد غني چيو ته پشتو، سرائيڪي ۽ پنجابي ڳالهائيندڙ جيڪي سنڌ کي پنهنجي ماءُ سمجهن ٿا، انهن کي ڪو اعتراض ناهي. جيڪو سنڌ کي ڌرتي ماءُ سمجهي ٿو، ان کي به ڪو اعتراض ناهي، پر جڏهن سنڌ جي ورهاڱي ۽ نفرت جي ڳالهه ڪئي ويندي ته ماڻهن جو حق آهي ته سوال ڪن.
هن چيو ته اوهان جيڪي ڪجهه ڪري رهيا آهيو، ان جي چٺيان مقصد ۽ ايجنڊا ڪهڙي آهي؟ پنهنجي ننڍن ننڍن سياسي مفادن لاءِ ڪنهن جي چوڻ تي اهڙو عمل نه ڪيو.
سعيد غني چيو ته اسان جا ۽ اوهان جا نسلون هتي ئي رهندا، سنڌ جي ورهاڱي سان نفرتون پيدا ٿينديون ۽ دشمن قوتون ان جو فائدو وٺنديون. هن چيو ته سياستدانن جو ڪم آهي ته ماحول کي اهڙي حد تي نه وٺي وڃن، ڪجهه ماڻهو هتي ڏڦيڙ چاهين ٿا.
پيپلزپارٽي جي اڳواڻ چيو ته الله جو شڪر آهي ته هتي بلوچستان جهڙيون حالتون ناهن، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هن ملڪ ۾ رهندڙ ماڻهن ۾ اتحاد ۽ ايڪو پيدا ڪيو وڃي.
هن وڌيڪ چيو ته اسان جيڪو ڪجهه ڪري رهيا آهيون، ان سان معاملا هٿن مان نڪري ويندا، حالتون خراب نه، پر بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. اسان ته اهو ئي چئون ٿا ته جيڪو سنڌ ۾ رهي ٿو، سنڌ ان جي آهي.

You might also like