اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي گهرو معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) جي چيئرمين اهم انڪشاف ڪيو.
اجلاس دوران پي ٽي اي چيئرمين ٻڌايو ته نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي (اين سي سي آءِ اي) سان گڏ ڇاپن دوران 6 لک ماڻهن جا بائيو ميٽرڪ برآمد ٿيا.
هن ٻڌايو ته سائبر ڪرائم اداري سان گڏجي 125 ڇاپا هنيا ويا، جن دوران 25 هزار سمون برآمد ڪيون ويون ۽ 171 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو.
پي ٽي اي چيئرمين چيو ته بائيو ميٽرڪ جو رڪارڊ جتي موجود آهي، اتان ئي ليڪ ٿئي ٿو، تنهن ڪري سڪيورٽي فيچرز ۾ وڌيڪ بهتري آڻڻي پوندي، گذريل اڍائي سالن دوران 18 لک سمون بلاڪ ڪيون ويون آهن، جڏهن ته نادرا سان گڏجي سسٽم کي به اپ گريڊ ڪيو پيو وڃي.
هن چيو ته موبائل ڪمپنين کي به ان عمل ۾ شامل ڪيو ويو آهي. هڪ سڃاڻپ ڪارڊ تي 5 سمين کان وڌيڪ سمون حاصل نٿيون ڪري سگهجن.
ان موقعي تي خواجا اظهار الحسن چيو ته غيرقانوني سمين جي ڪري دهشتگردي ۽ ڀتا خوري جهڙن واقعن ۾ واڌ ٿي آهي، برطانوي سمون به هتي اشتهار ڏئي وڪرو ڪيون پيون وڃن.
مملڪتي گهرو وزير چيو ته هاڻي ته ملڪ ۾ بئنڪ اڪائونٽ به ڪرائي تي ملي رهيا آهن، ماڻهن کي خبر هوندي آهي ته فراڊ جا پئسا اچڻا آهن، ان باوجود اڪائونٽ فراهم ڪيو وڃي ٿو.
هن چيو ته پي ٽي اي کي پاڻ به سڪيورٽي فيچرز وڌائڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن، ٽيلي ڪام ڪمپنين ۽ اسٽيٽ بئنڪ کي به اضافي سڪيورٽي فيچرز متعارف ڪرائڻا پوندا، جيستائين اهڙا قدم نه کنيا ويندا، تيستائين اهڙا واقعا ٿيندا رهندا.