لاهور (ويب ڊيسڪ) يٽروليم ليوي خلاف جماعت اسلامي جا ڌرڻا ختم ڪرائڻ لاءِ احسن اقبال جي سربراهي ۾ حڪومتي وفد جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمٰن سان ملاقات ڪئي، جنهن کانپوءِ ٻنهي ڌرين ڳالهين لاءِ ٽيمون جوڙي ڇڏيون.
حڪومتي وفد منصوره لاهور ۾ جماعت اسلامي جي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي.
حڪومت جي ڳالهين واري ٽيم ۾ وفاقي وزير احسن اقبال، راڻا ثناءُ الله ۽ خواجا سلمان رفيق شامل هئا، جڏهن ته جماعت اسلامي طرفان نائب امير جماعت اسلامي لياقت بلوچ ڳالهين واري ٽيم جي قيادت ڪئي.
ڳالهين کانپوءِ پريس ڪانفرنس دوران احسن اقبال چيو ته اسان سڀ چاهيون ٿا ته عوام کي رليف ملي، ان لاءِ حڪومت ٽيم جوڙي آهي. جماعت اسلامي کي به چيو آهي ته جيڪڏهن اهڙيون تجويزون آهن، جنهن ذريعي پيٽرول جي اگهه جو ٻوجهه گهٽائي سگهجي ٿو ته اهي پيش ڪن، جماعت اسلامي کي چيو آهي ته ٽيم جوڙيو، اسان ڳالهين لاءِ تيار آهيون.
هن چيو ته اسان نٿا چاهيون ته ملڪ ۾ هن وقت اهڙي صورتحال پيدا ٿئي، جنهن مان دشمن فائدو وٺي، موجوده صورتحال جي گهرج آهي ته اسان سڀ گڏجي ملڪ ۾ اندروني امن برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪريون.
ان موقعي تي راڻا ثناءُ الله چيو ته حافظ نعيم الرحمٰن ٻڌايو آهي ته وٽن اهڙيون تجويزون آهن، جن سان عوام کي رليف ملي سگهي ٿو. حڪومت جماعت اسلامي جي عمل جوڳين تجويزن تي عملدرآمد ڪندي.
جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمٰن چيو ته 19 ڏينهن کان ملڪ ۾ 30 هنڌن تي جماعت اسلامي جا ڌرڻا جاري آهن.
اسان کي عوام کي تڪليف ڏيڻ جو ڪو شوق ناهي، پر عوامي مسئلن سبب ڌرڻا ڏئي رهيا آهيون.
هن چيو ته 6 سالن دوران ملڪ ۾ غربت ۾ 33 سيڪڙو واڌ ٿي آهي، موٽرسائيڪل هلائيندڙ هڪ ليٽر پيٽرول تي 35 سيڪڙو ٽيڪس ادا ڪرڻ تي مجبور آهي.
سندس چوڻ هو ته عوام اهڙي بجلي جا پئسا ڏيڻ تي مجبور آهي، جيڪا پيدا به نٿي ٿئي، پيٽرول تي ليوي معطل ڪرڻ بدران ان ۾ واڌ ڪئي وئي، جڏهن کان ليوي شروع ٿي آهي، 8 هزار ارب رپيا گڏ ٿي چڪا آهن.
حافظ نعيم الرحمٰن چيو ته هن سال حڪومت ليوي جي مد ۾ مقرر ڪيل هدف کان به وڌيڪ رقم گڏ ڪئي آهي، مهانگائي ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي.
هن چيو ته لياقت بلوچ جي سربراهي ۾ اسان ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. پيٽرول جي قيمت، ليوي، آءِ پي پيز ۽ ماني جي قيمت گهٽ ڪرڻ اسان جا مطالبا آهن.
هن چيو ته پيٽرول تي ليوي ختم ٿيڻ گهرجي ۽ قيمت به گهٽ ٿيڻ گهرجي، جن شين تي ٽيڪس لاڳو نٿو ٿئي، اهي به 35 سيڪڙو ٽيڪس ادا ڪري رهيا آهن.
سندس چوڻ هوته پيٽروليم ليوي جو مقصد ريفائنرين کي بهتر بڻائڻ هو، پر اسان کان جنگي حالتن ۾ به ليوي وصول ڪئي وئي.
حافظ نعيم وڌيڪ چيو ته ڪيترن ئي شهرن ۾ اڄ مڪمل هڙتال ٿي آهي، ڌرڻا به جاري رهندا ۽ ڳالهين جو عمل به هلندو رهندو، ري گيسيفڪيشن پلانٽن کان به ڪيپسٽي پيمنٽ وصول ڪئي پئي وڃي، حڪومتي رپورٽ موجب 40 سيڪڙو کان وڌيڪ ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري رهيا آهن.
حڪومتي وفد منصورا پهچي ويو، جماعت اسلامي پيٽروليم ليوي ختم ڪرڻ سميت 4 مطالبا پيش ڪري ڇڏيا
You might also like