سرينگر (ويب ڊيسڪ) ڀارتي قيد ۾ موجود ڪشميري اڳواڻ ياسين ملڪ ڀارتي عدالتن تي بي اعتمادي جو اظهار ڪندي پنهنجو ڪيس وڌيڪ وڙهڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
ياسين ملڪ سرينگر جي عدالت ۾ 25 صفحن تي ٻڌل حلف نامو جمع ڪرائي ڇڏيو، جنهن ۾ ياسين ملڪ جا 24 آگسٽ تي ڏنل لکت وارا بيان به شاهدين جو حصو قرار ڏنا ويا آهن.
ياسين ملڪ حلف نامي ۾ چيو آهي ته ڀارتي حڪومت 36 سالن کانپوءِ کيس هڪ ڪوڙي ڪيس ۾ ملوث ڪري ڦاهي ڏيڻ جي سازش ڪري رهي آهي، ڀارتي عدالتن مان انصاف جي اميد ناهي، عدالت موت جي سزا به ڏئي ته اها ڪشمير لاءِ قبول آهي، جڏهن ته عدالتي سزا قبول ڪرڻ جو مطلب مٿس مڙهيل ڏوهه کي قبول ڪرڻ ناهي.
حلف نامي ۾ ياسين ملڪ 1990ع جي سرلا ڀٽ قتل ڪيس ۾ ملوث هجڻ جي الزام کي سختي سان رد ڪيو، کيس سرلا ڀٽ جي لاش وٽان مليل مبينا جي ڪي ايل ايف نوٽ جي بنياد تي ڪيس ۾ شامل ڪيو ويو هو.
هن چيو ته سرلا ڀٽ جي قتل کان 11 ڏينهن اڳ هو سخت زخمي هو، جنهن سبب قتل جي منصوبابندي يا هدايتون ڏيڻ ممڪن نه هو.
ڀارتي ايجنسين کيس پاڪستان سان لاڳاپا وڌائڻ لاءِ چيو ۽ بعد ۾ ساڳئي ڳالهه کي سندس خلاف ثبوت طور پيش ڪيو ويو، واجپائي حڪومت جي دور ۾ اجيت دوول، بجيش مشرا ۽ آر ڪي مشرا کيس پاڪ-ڀارت لاڳاپن ۾ هاڪاري ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ چيو هو.
ياسين ملڪ موجب، 2019ع ۽ 2024ع جي چونڊن دوران پاڪستان مخالف پاليسي طور سندس نالو، تصوير ۽ عدالتي ڪارروائين کي سياسي بيانئي لاءِ استعمال ڪيو ويو.
حلف نامي ۾ ڊگهي قيد، اڪيلائي، ماءُ، گهرواري ۽ ڌيءَ کان سالن جي وڇوڙي جو ذڪر
ياسين ملڪ مشعال ملڪ کي ڊگهي قيد ۽ امڪاني ڦاهي جي اوسيئڙي واري زندگي کان آزاد ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪندي چيو ته اوهان بهادري سان منهنجو ساٿ ڏنو، مان اوهان کي پنهنجي رفاقت کان آزاد ڪريان ٿو.
ياسين ملڪ ڌيءَ کي ڏاڏي سان رابطي ۾ رهڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ڏاڏي جو ڏک اوهان کي گهٽ ڪرڻو آهي.
هن چيو ته پنهنجو موقف ۽ ضمير جي آواز عدالت آڏو رکي ڇڏيو آهي، هاڻي باقي فيصلو الله تي ڇڏي ٿو.
ٻئي پاسي سياسي ماهرن جو چوڻ آهي ته ياسين ملڪ جو ٽرائل مودي حڪومت طرفان هڪ معتبر ڪشميري آواز کي سياسي دٻاءَ ذريعي خاموش ڪرائڻ جي ناڪام ڪوشش آهي.
ياسين ملڪ سميت سمورا ڪشميري حريت پسند ڊگهي قيد ۽ ڀارتي رياستي جبر باوجود ثابت قدم رهيا آهن.
سياسي ماهرن موجب، ڀارت آواز کي خاموش ته ڪري سگهي ٿو، پر ڪشميري حريت جي نظريي کي دٻائي نٿو سگهي.
گڏيل قومن کي سياسي قيدين جي آزادي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.
You might also like