ممبئي (ويب ڊيسڪ) باليووڊ سُپر اسٽار ڪرينا ڪپور زندگيءَ ۾ ڪيل هڪ فيصلي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي.
هڪ انٽرويوءَ دوران اداڪارا چيو ته هن پنهنجي پڙهائي ڪڏهن مڪمل نه ڪئي ۽ اها ڳالهه ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ سندس دل ۾ رهي آهي.
سندس چوڻ هو ته وٽس تعليم جاري رکڻ جو موقعو موجود هو، پر هوءَ فلمي دنيا ۾ اچي وئي ۽ يارهين جماعت کانپوءِ وڌيڪ پڙهي نه سگهي.
ڪرينا ڪپور چيو ته هوءَ ڄاڻي ٿي ته ڪيئي ماڻهو ان ڳالهه جو مذاق اڏائي سگهن ٿا يا جيڪو چاهين چئي سگهن ٿا، پر هوءَ اداڪارا طور پاڻ کي ثابت ڪرڻ چاهي ٿي.
سندس چوڻ هو ته اداڪاري اهو ڪم هو، جيڪو هوءَ دل سان ڪرڻ چاهيندي هئي.
اداڪارا اعتراف ڪيو ته تعليم مڪمل نه ڪري سگهڻ تي کيس اڄ به افسوس آهي.
پنهنجن ٻنهي پٽن بابت ڳالهائيندي ڪرينا ڪپور چيو ته هوءَ چاهي ٿي ته تيمور ۽ جَي (جهانگير) پنهنجي پسند موجب ڪيريئر جو چونڊين ، پر پهريان هو پنهنجي پڙهائي پوري ڪن ۽ ان کانپوءِ پنهنجي دل جي ڳالهه ٻڌن.