”ڀلي ڪنهن کي به اپروچ ڪرائي وٺن، ڪيس نه ڇڏينديس“مومنه اقبال جو ن ليگ اڳواڻ خلاف ڪيس تان هٿ کڻڻ کان انڪار

لاهور (ويب ڊيسڪ) اين سي سي آءِ اي اداڪارا مومنه اقبال کي هراسان ڪرڻ ۽ ڌمڪيون ڏيڻ واري ڪيس ۾ (ن) ليگي ايم پي اي ثاقب چڍڙ ۽ سندس گهرواري بابت رپورٽ پيش ڪري ڇڏي.
جاچ آفيسر موجب، اين سي سي آءِ اي جاچ تبديل ڪري جي آءِ ٽي جوڙي ڇڏي آهي، جڏهن ته في الحال ثاقب چڍڙ ۽ سميرا جي گرفتاري گهربل ناهي.
جاچ آفيسر وڌيڪ ٻڌايو ته ثاقب چڍڙ جاچ آفيسر جي بيان جي روشني ۾ پنهنجي عبوري ضمانت واپس وٺي ڇڏي آهي.
ٻئي پاسي ثاقب چڍڙ سيشن عدالت ۾ پيشي کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هن اين سي سي آءِ اي کي جيڪي ثبوت ڏنا، انهن کانپوءِ اختيارين چيو ته گرفتاري گهربل ناهي.
هن چيو ته الله جو شڪر ادا ڪريان ٿو، جنهن اڄ مون کي سرخرو ڪيو، اڄ ثابت ٿي ويو ته هي ڪيس ڪوڙو ۽ بي بنياد آهي.
هوڏانهن اداڪارا مومنه اقبال ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هوءَ پهرين ڏينهن کان چئي رهي آهي ته ڪيس کي جانبداري سان نه ڏٺو وڃي. هن چيو ته ڪا به ڇوڪري ايتري چَري ناهي هوندي جو شادي کان 10 ڏينهن اڳ اهڙيون ڳالهيون ڪري.
مومنه اقبال چيو ته هن انهن ماڻهن تي اعتبار ڪيو، جن ڪرسيءَ تي ويهي چيو هو ته کين ٻنهي پاسن جي ڪهاڻي جي خبر آهي.
هن وڌيڪ چيو ته هوءَ هي ڪيس ائين نه ڇڏيندي، ڀلي ڪنهن کي به اپروچ ڪرائي وٺن.

 

You might also like