ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مهانگائي ۽ پيٽروليم ليوي خلاف جماعت اسلامي جي سڏ تي مختلف شهرن ۾ احتجاج ڪيو ويو.
جماعت اسلامي جي سڏ تي سنڌ سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ شٽربند هڙتال ڪئي وئي.
لاهور، جيڪب آباد، حيدرآباد، بدين، مٽياري، ٺٽو، مٺي، ڪنڌڪوٽ ۽ ٽنڊو محمد خان ۾ هڙتال دوران مختلف علائقن ۾ احتجاج ڪيو ويو.
ڪراچي جي علائقن ڪورنگي ۽ سرجاني روڊ تي احتجاج ڪندڙن ٽائر ساڙي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيا، جنهن سبب آفيسن ڏانهن ويندڙ شهرين کي سخت پريشاني کي منهن ڏيڻو پيو.
پوليس جي نفري پهچڻ کانپوءِ مظاهرين ڇڙ وڇڙ ٿي ويا، جڏهن ته شهر جي مختلف شاهراهن تي ٽريفڪ جي رواني معمول موجب رهي.
هوڏانهن ڪيترن ئي علائقن ۾ صبح سوير کلندڙ هوٽل ۽ ڪاروباري مرڪز پڻ بند رهيا، جنهن سبب روزاني ڪاروباري سرگرميون متاثر ٿيون.
You might also like