پڪاچانگ ڀرسان پرائمري استاد محمد اسلم چانگ پاڻ مٿان فائر ڪري زندگيءَ جو انت آڻي ڇڏيو

پڪا چانگ (ويب ڊيسڪ) پڪاچانگ ڀرسان ڳوٺ مٺو چانگ ۾ افسوسناڪ واقعو پيش آيو، جتي پرائمري استاد محمد اسلم چانگ مبينا طور پاڻ مٿان فائر ڪري زندگي جو انت آڻي ڇڏيو.
ذريعن موجب، استاد محمد اسلم چانگ پنهنجي اوطاق تي موجود هو، جتي کيس سيني ۾ گولي لڳل حالت ۾ ڏٺو ويو.
واقعي جا اصل سبب اڃا تائين معلوم نه ٿي سگهيا آهن.
واقعي کانپوءِ علائقي ۾ سوڳ جي لهر ڇانئجي وئي، جڏهن ته مڙهه کي ضروري طبي ۽ قانوني ڪارروائي لاءِ رورل هيلٿ سينٽر پڪاچانگ منتقل ڪيو ويو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته استاد مبينا طور ”پب جي“ گيم کيڏندو هو ۽ گيم سبب ذهني دٻاءَ ۾ هو، جنهن کي واقعي جو ممڪن ڪارڻ قرار ڏنو پيو وڃي، تنهن هوندي به ان دعويٰ جي آزاداڻي تصديق نه ٿي سگهي آهي.
ٻئي پاسي، پوليس واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي، جڏهن ته واقعي جا اصل سبب اڃا واضح نه ٿي سگهيا آهن.

You might also like