سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جماعت اسلامي جي هڙتال جي حمايت ڪري ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن پاران جماعت اسلامي جي شٽرڊائون ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ هڙتال جي حمايت
سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن ڪراچي پيٽروليم ليوي، مهانگائي ۽ عام عوام کي پيش ايندڙ مشڪلاتن خلاف جماعت اسلامي طرفان اعلانيل شٽرڊائون ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ هڙتال جي مڪمل حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن ڪراچي جي صدر محمد حسيب جمالي طرفان جاري ڪيل نوٽيس موجب، پيٽروليم ليوي ۽ وڌندڙ مهانگائي سبب عام عوام، خاص طور تي ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ پورهيتن جو گذر سفر سخت متاثر ٿي رهيو آهي.
اعليٰ عدالتي وڪيلن جي تنظيم عوام سان ايڪي طور هن احتجاجي هڙتال جي حمايت جو فيصلو ڪيو آهي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ بار پاران ميمبر وڪيلن کي درخواست ڪئي وئي آهي ته اهي خميس، 3 سيپٽمبر 2026ع تي عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ ڪن ۽ عدالتن ۾ پيش ٿيڻ کان پاسو ڪن.
بار ايسوسيئيشن موجب، عوامي يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ لاءِ منجهند ٻين وڳي وڳي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي عمارت کان گورنر هائوس تائين هڪ يڪجهتي ريلي به ڪڍي ويندي.

You might also like