مير رضا ڪيس جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جي جوڙڻ درخواست، سنڌ هاءِ ڪورٽ وڏو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ مير رضا ڪيس جي جاچ لاءِ گڏيل جاچ ٽيم (جي آءِ ٽي) جوڙڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي.
جسٽس جعفر رضا پنهنجي لکت واري فيصلي ۾ چيو آهي ته جاچ آفيسر انڪوائري مڪمل ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي.
عدالت چيو ته جاچ آفيسر قانون موجب سمورا دستياب وسيلا ڪتب آڻيندو ، جڏهن ته جاچ آفيسر موجب ضرورت پوڻ تي ٻين جاچ ادارن کان به مدد ورتي ويندي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ حڪم ڏنو ته مير رضا ڪيس جي جاچ غيرجانبداراڻي، منصفاڻي ۽ تيزي سان مڪمل ڪئي وڃي.
عدالت وڌيڪ چيو ته درخواستگذار شفاف ۽ منصفاڻي جاچ کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورا قانوني وسيلا استعمال ڪري سگهي ٿو.

 

You might also like