لنڊن جو ميئر صادق خان ڏوهي قرار، عدالت سزا ٻڌائي ڇڏي

لنڊن (ويب ڊيسڪ(لنڊن جي ميئر لارڊ صادق خان تي ٽيڪس ادا نه ڪيل گاڏي رکڻ واري ڪيس ۾ ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو آهي.
ڊي وي ايل اي 24 سال پراڻي نسان مائڪرا جو ٽيڪس ادا نه ڪرڻ تي ڪيس داخل ڪيو هو، جنهن ۾ مجسٽريٽ صادق خان کي سندس غير موجودگي ۾ ڏوهي قرار ڏنو.
عدالت لارڊ صادق خان کي 220 پائونڊ ڏنڊ ۽ 85 پائونڊ عدالتي خرچ ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، جڏهن ته گاڏي جي ٽيڪس جي مد ۾ به 35.84 پائونڊ ادا ڪرڻا پوندا.
سٽي هال اختيارين جو چوڻ آهي ته تڪراري گاڏي نه صادق خان جي ملڪيت آهي ۽ نه ئي ٽرانسپورٽ فار لنڊن جي. ڊي وي ايل اي ڪيس ۽ سزا جي حالتن جو ٻيهر جائزو وٺڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.
عدالتي دستاويز موجب، ڪيس بابت خط صادق خان جي آفيس بدران گورڊن ريمزي جي ريسٽورنٽ ڏانهن موڪليا ويا هئا.
صادق خان کي ڏنڊ جي سزا تڪراري سنگل جسٽس پروسيجر تحت ٻڌائي وئي، جنهن ۾ مجسٽريٽ ننڍن ڪيسن جي ٻڌڻي بند ڪمري ۾ ڪندو آهي.
معاملو سامهون اچڻ کانپوءِ ڊي وي ايل اي امڪاني غلط داخلا جي حوالي سان به جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

You might also like