ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي اڳوڻي اداڪارا ۽ ٽي وي ميزبان مشي خان، فريال گوهر طرفان پنهنجي اڳوڻي مڙس جمال شاهه بابت لڳايل الزامن تي اداڪارا کي ئي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.
سوشل ميڊيا تي سامهون ايندڙ معاملن تي پنهنجي راءِ ڏيندڙ مشي خان تازو هڪ وڊيو ۾ فريال گوهر جي وائرل ڪلپس بابت ڳالهائيندي چيو ته فريال گوهر بهترين انسان آهن، ڪجهه عرصو اڳ کيس پنهنجي اڳوڻي مڙس سان گڏ هڪ پروگرام ۾ ڏٺو هو، جتي ٻنهي جا لاڳاپا انتهائي دوستاڻا نظر اچي رهيا هئا.
مشي خان چيو ته ان پروگرام دوران فريال گوهر اهو به ٻڌايو هو ته سندس اڳوڻي سس سان سٺا لاڳاپا آهن ۽ هوءَ ساڻس ملاقاتون به ڪندي رهندي آهي، جڏهن ته هاڻي هوءَ ساڳئي پروگرام ۾ اڪيلي اچي ڪيترائي ڏهاڪا پراڻي تشدد جي واقعن بابت ڳالهائي رهي آهي.
هن سوال اٿاريندي چيو ته جيڪڏهن ڪنهن شخص طرفان اوهان سان اهڙو مبينا وحشياڻو تشدد ڪيو ويو هو ته پوءِ اوهان ڪجهه عرصو اڳ ساڳئي شخص سان گڏ پروگرام ۾ ويهي کل ڀوڳ ۽ ڳالهه ٻولهه ڪيئن ڪئي؟
مشي خان چيو ته جيڪڏهن ڪنهن شخص اوهان کي بيلٽ سان ماريو هجي ۽ اوهان جي بُڪين تي لتون هنيو هجن ته اهڙي شخص سان آمهون سامهون ويهڻ تي راضي ٿيڻ هن جي نظر ۾ درست نه هو، ڀلي ان جي بدلي ڪروڙين رپيا ئي ڇو نه ڏنا وڃن.
اڳوڻي اداڪارا جو چوڻ هو ته اهڙي شخص کي ته پري کان به نه ڏسڻ گهرجي، پر فريال گوهر پنهنجي اڳوڻي مڙس سان گڏ پروگرام ڪيو ۽ ماحول به ڪافي خوشگوار نظر آيو، جنهن مان محسوس ٿيو ته ٻنهي وچ ۾ سٺي ڳالهه ٻولهه هئي.
مشي خان سوال ڪيو ته جيڪڏهن اهو سڀ ڪجهه ائين ئي هو ته پوءِ ايترو عرصو گذرڻ کانپوءِ هاڻي اهي ڳالهيون ڪرڻ جو ڪهڙو فائدو آهي؟
”چمڙي جي پَٽي سان ماريندڙ اڳوڻي مڙس سان پروگرام ڇو ڪيو؟“ مشي خان جا فريال گوهر کان سخت سوال
You might also like