ايران پنهنجي مفادن ۽ آزادي جي جنگ پيو وڙهي، ماسڪو تهران سان گڏ آهي: پيوٽن

بشڪيڪ (ويب ڊيسڪ) روسي صدر ولاديمير پيوٽن چيو آهي ته روس سمجهي ٿو ته ايران پنهنجي مفادن ۽ آزادي لاءِ جنگ وڙهي رهيو آهي ۽ کيس اهو ڏسي خوشي ٿي رهي آهي، پر افسوس آهي ته اڳ قائم ٿيل امن گهڻو وقت برقرار نه رهي سگهيو.
ڪرغزستان جي راڄڌاني بشڪيڪ ۾ ايراني صدر مسعود پزشڪيان سان ملاقات دوران روسي صدر ولاديمير پيوٽن چيو ته ماسڪو پنهنجي مفادن جي حاصلات لاءِ جدوجهد ۾ ايراني عوام سان مڪمل ايڪي جو اظهار ڪري ٿو.
پيوٽن وڌيڪ چيو ته موجوده فوجي ۽ سياسي صورتحال باوجود روس ۽ ايران پنهنجا اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپا برقرار رکندا.
روسي صدر چيو ته روس سمجهي ٿو ته ايران پنهنجي مفادن ۽ آزادي جي جنگ وڙهي رهيو آهي ۽ کيس اهو ڏسي خوشي ٿي رهي آهي.
ان موقعي تي ايراني صدر مسعود پزشڪيان ايران ۾ جنگ ۽ ان جي نتيجي ۾ لاڳو ٿيندڙ پابندين بابت ماسڪو جي موقف تي روسي صدر پيوٽن جا ٿورا مڃيا.
ايراني صدر پزشڪيان چيو ته روس ۽ ايران اسٽريٽجڪ ڀائيوار آهن ۽ ٻئي ملڪ آمريڪا جي هڪ طرفين جارحاڻن قدمن جو مقابلو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.
هن الزام لڳائيندي چيو ته آمريڪا سندن شاگردن، بيگناهه نوجوانن ۽ ماڻهن کي قتل ڪيو، جيڪو ڪجهه آمريڪا ڪري رهيو آهي، اهو غيرقانوني آهي.
پزشڪيان وڌيڪ چيو ته هو ڄاڻن ٿا ته روس هن معاملي ۾ ايران جي حمايت ڪري رهيو آهي، ان ئي سبب ايران به روس سان گڏ بيٺو آهي.

 

You might also like