نظام جي نئين سرجوڙجڪ لاءِ محسن نقوي ذريعي حڪومت کي آخري نوٽيس؟

لاهور(سجاد انور ) فيلڊ مارشل عاصم ، محسن نقوي جي ڇهن ڏينهن اڳ واري بيان کان پوءِ سڄي دنيا جي توجهه جو مرڪز بڻجي ويو آهي،. دنيا جا سڀ ماڻهو اهو سوچي رهيا آهن ته پاڪستان ۾ ڪجھه نئون ٿيڻ وڃي رهيو آهي، فيلڊ مارشل ڪجھه نئون ڪرڻ وڃي رهيو آهي. اسان بي بي سي ۽ وائس آف آمريڪا تي تجزيا ٻڌي  رهيا آهيون، پر  انڊيا ۾ اها خبر ڏني پئي وڃي ته فيلڊ مارشل ، محسن نقوي جي ذريعي موجوده حڪومت کي هڪ طرح سان آخري نوٽيس جاري ڪيو آهي. ماڻهو اها ڳالهه سوچي مونجهاري جو شڪار آهن ته فيلڊ مارشل اصل ۾ ڇا ٿو چاهي؟ ڇا هو ٽيڪ اوور ڪندو، ملڪ ۾ مارشل لا لڳائيندو يا وري  صدارتي سسٽم آڻيندو ؟ يا وري شهباز شريف حڪومت سان ملي ڪري اختيارن جي منتقلي ۽ لوڪل گورنمينٽ سسٽم آڻيندو؟ ٽئڪسيشن جو نظام بهتر بڻائيندو، ميرٽ تي ڀرتين ڏانهن توجهه ڏياريندو؟ يا وري جيڪڏهن هو صوبن جو ورهاڱو چاهي ٿو ته پارٽين کي قائل ڪري يا انهن تي پريشر وجهي صوبن جو ورهاڱو ڪندو؟ چيو اهو پيو وڃي ته پاڪستان آهستي آهستي هڪ آمراڻي سسٽم ڏانهن وڌي رهيو آهي ۽ اهي به ڳالهيون ٿي رهيون آهن ته ٽيڪ اوور جون تياريون ٿي رهيون آهن. لڳي ائين ٿو ته جيڪو موجوده سياسي ڪلچر آهي، سياسي پارٽيون آهن، پارليامينٽ جي بناوٽ آهي، ان سان سي ڊي ايف  جا خواب ميچ نٿا ڪن. هو هڪ وڏي پيماني تي پوري سسٽم کي ري سيٽ ڪرڻ جو سوچي رهيو آهي. پر جيڪڏهن توهان هن ئي بيوروڪريسي، هن ئي پارليامينٽ ۽ انهن ئي ماڻهن سان ڪم ڪندا ته جيڪو توهان سوچيو آهي ان جو 10 سيڪڙو به عمل ۾ نه اچي سگهندو.ان ڪري هن لاءِ بهترين اها صورتحال آهي ته کيس هڪ شفاف ميدان ملي وڃي. کيس به جنرل مشرف وانگر ٽيڪ اوور کان پوءِ ڪائي اهڙي عدالت ملي وڃي جيڪا چوي ته توهان آئين ۾ ترميم به ڪري وٺو. پوءِ جڏهن هو ٽيڪ اوور ڪندا ته جيڪي خواب انهن ڏٺا آهن، جيڪو ڪجھه انهن جي ٽيم تجويز ڪيو آهي، يا جنهن لاءِ هينئر ڪوشش ٿي رهي آهي، اهو سڀ پورو ٿي سگهندو. ٻي صورت ۾ جڏهن توهان اهي شيون ٻين کان ڪرايو پارليامينٽ، عدليه، بيوروڪريسي يا انتظامي ڍانچي ذريعي، ته محسن نقوي اڳ ئي چئي چڪو آهي ته پورو سسٽم ڪوليپس (تباهه) ٿي چڪو آهي.مسلم ليگ نون ۽ اسٽيبلشمينٽ جي لاڳاپن ۾ ڏار اڳ به ئا هاڻي به آهن ۽ اڳتي به هوندا، اهي ضرورت جا رشتا هوندا آهن.بجيٽ کان اڳ نون صوبن لاءِ مهم شروع ٿي وئي هئي، ٽي وي چئنلن تي بحث شروع ٿي ويا هئا، سيمينار ڪرايا پئي ويا، نوان صوبا، 18هين ترميم جو خاتمو، اين ايف سي جو نئون ماڊل. ان تي سڀ ڳالهيون ٿي رهيون هيون. پوءِ اهو به ٻڌايو ويو هو ته اهي سڀ مسودا وزير اعظم جي ٽيبل تي پيل آهن. پر ڪيتري وقت تائين پيل رهندا؟ ۽ مسودا ٺاهي موڪليندڙ ڪيترو انتظار ڪندا؟ اهو هڪ الڳ سوال آهي.ڪجھه ڏينهن ملڪ ۾ جيڪي واقعا ٿيا آهن، هڪ ته انتهاپسندي ۽ عسڪريت پسندي سبب هاڻ هارڊ اسٽيٽ بڻجي چڪا آهيون، ان جي نتيجي ۾ عوامي راءِ يا اظهار جي آزاديءَ کي آهستي آهستي گھٽايو پيو وڃي. ڪٿي انٽرنيٽ بند ڪئي پئي وڃي، ڪٿي مختلف چئنلن کي بند ڪيو پيو وڃي. هڪ سخت ماحول ته بڻجي رهيو آهي.ٻيو اهيو ته نون صوبن بابت مهم ٻيهر واپس اچي وئي آهي جڏهن ته سياستدانن ۽ پارليامينٽ تي پريشر وڌائڻ لاءِ ريفرنڊم به ڪرايو ويندو. جيڪڏهن ريفرنڊم ڪرايو وڃي ٿو ۽ ان جا نتيجا ضياءُ الحق جي ريفرنڊم جهڙا اچن ٿا ته پوري پاڪستان چئي ڇڏيو آهي ته صوبا ٺهن، پوءِ سياسي جماعتن جي نقطه نظر کي وڌيڪ گھٽائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. جڏهن ته  پنجاب ۾ صوبا ٺهي سگهن ٿا، بلوچستان ۾ به تقسيم ٿيل مئنڊيٽ آهي، ٿي سگهي ٿو سي ايم ڳالهه مڃي وٺي پر ڪيترائي ميمبر راضي نه ٿيندا. ڪي پي ڪي ۽ سنڌ ۾ صوبا نٿا ٺهي سگهن،ٻيو آپشن اهو ٿي سگهي ٿو ته مڪاني حڪومتن کي بااختيار بڻايو وڃي اهي به خبرون آهن ته نون صوبن تي مسلم ليگ نواز راضي آهي، شهباز شريف فيلڊ مارشل سان صوبن جي ورهاڱي تي متفق آهي،  هي ڪم جنوري تائين ٿي ويندو ۽ مارچ ۾ صوبا ٺهي ويندا. وفاقي وزير راڻا ثناءُ الله ٽي وي شو ۾ چيو ته صوبن جي تقسيم جو بحث ته هاڻي شروع ٿيو آهي، هاڻي اسان ڳالهائينداسين. هو به پنهنجي لهجي ۾ لچڪ ڏيکاري رهيو هو. ن ليگ ان معاملي ۾ چالاڪي ڪري رهي آهي هو اسٽيبلشمينٽ کي ناراض نه ڪندا. پر هو ان ته معاملي کي ڊيگهه ڏيڻ چاهينداجيڪڏهن پيپلز پارٽيءَ کي لڳو ته نون ليگ ۽ اسٽيبلشمينٽ ملي کين نقصان پهچائڻ چاهين ٿيون، يا نوان صوبا ٺاهڻ جي معاملي ۾ نون ليگ اسٽيبلشمينٽ سان ملي وئي آهي، ته هو آخري حد تائين ويندا. مولانا فضل الرحمان اڳ ئي انهن سان آهي، سندس رابطا پي ٽي آئي ۽ اچڪزئيءَ سان به آهن. جيڪڏهن پي ٽي آئي، پيپلز پارٽي ۽ فضل الرحمان ملن ٿا ته عدم اعتماد آسانيءَ سان ٿي ويندي. ان ڪري حڪومت جا پير ڪمزور آهن. ان ڪري ئي ٻه ڏينهن اڳ اسٽيبلشمينٽ شهباز شريف کي پيغام ڏنو ته توهان جي حڪومت کي ڪرڻ نه ڏنو ويندو.

You might also like