نصرالله گڏاڻي لاءِ ڪنهن سنڌي نمائندي بدران ايم ڪيو ايم جي نمائندي ئي آواز اٿاريو:يعقوب گڏاڻي

ڪراچي: شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي ڀاءُ يعقوب گڏاڻي چيو آهي ته سنڌ اسيمبلي جي ايوان ۾ شهيد نصرالله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ آواز اٿاريو ويو آهي، پر اهو انتهائي افسوسناڪ آهي ته اهو آواز گھوٽڪي مان چونڊيل ڪنهن به نمائندي بدران ڪراچي مان چونڊيل ايم ڪيو ايم جي ايم پي اي اٿاريو آهي يعقوب گڏاڻي پنهنجي بيان ۾ چيو ته گھوٽڪي جي عوام پنهنجن چونڊيل نمائندن کي پنهنجن حقن جي حفاظت ۽ ڏاڍ خلاف آواز اٿارڻ لاءِ ايوان تائين پهچايو هو، پر مقامي نمائندن طرفان  خاموشي اختيار ڪرڻ ڳڻتي جوڳو عمل آهي. هن چيو ته شهيد نصرالله گڏاڻي جي خون سان ناانصافي ڪئي پئي وڃي  ۽ هن  پرزور مطالبو ڪندي چيو ته شهيد جي اصل قاتلن کي جلد کان جلد قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي ۽ اسان کي انصاف ڏياريو وڃي.

You might also like