مير رضا ڪيس:عدالتي ڪميشن آڏو دوستن جي ڪردار،پوليس ڪارروائي ۽ پوسٽ مارٽم تي سوال

ڪراچي(عوامي آواز نيوز) مير رضا ڪيس ۾ لاش جو پهريون پوسٽ مارٽم ڪندڙ پوليس سرجن ڊاڪٽر اسامه جڊيشل ڪميشن آڏو پيش ٿيو، جتي کيس سخت سوالن کي منهن ڏيڻو پيو.جڊيشل ڪميشن مير رضا جو پهريون پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر اسامه کي طلب ڪري پڇيو ته توهان ڊگري ڪڏهن مڪمل ڪئي؟ جنهن تي هن ٻڌايو ته 2016ع ۾ ايم بي بي ايس مڪمل ڪئي، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي 2019ع ۾ سروس جوائن ڪئي ۽ 2021ع ۾ پوليس سرجن آفيس جوائن ڪيو. پوليس سرجن آفيس کيس ميڊيڪو ليگل آفيسر طور جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر ۾ مقرر ڪيو.ڪميشن پڇيو ته ڇا ايم بي بي ايس ۾ ميڊيڪو ليگل جي تربيت ڏني ويندي آهي؟ ڇا ڊگري حاصل ڪرڻ کان پوءِ ڪٿي تربيت ورتي ويندي آهي؟ ڪميشن پڇيو ته مير رضا جو پوسٽ مارٽم توهان ڪيو هو يا صفائي ڪندڙ ملازم (سويپر)؟ ڊاڪٽر اسامه جواب ڏنو ته مير رضا جو پوسٽ مارٽم مون ڪيو هو. ڪميشن ٻيهر پڇيو ته پوسٽ مارٽم ڊاڪٽر ڪندا آهن يا سويپر؟ پوليس سرجن چيو ته هر پوسٽ مارٽم دوران سويپر موجود هوندو آهي.ڪميشن پوليس سرجن کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته ڪميشن آڏو هوشيار بڻجڻ جي ڪوشش نه ڪريو. توهان جي رپورٽ ۾ هٿ يا جسم تي ساڙجڻ جا نشان لکيل آهن؟ توهان جيڪا تفصيل لکي آهي، ڇا اها مناسب هئي؟ توهان رپورٽ ۾ مير رضا جي ساڙجڻ جو ذڪر ڪٿي ڪيو آهي؟ڊاڪٽر اسامه چيو ته جسم تي ساڙجڻ جا نشان نه هئا، رڳو رنگ تبديل ٿيو هو. ان جواب تي ڪميشن پڇيو ته ڇا توهان ڊاڪٽر به آهيو؟ توهان جي مطابق انهن نشانن جي ڪا اهميت نه هئي؟ جيڪڏهن توهان کان ڪا غلطي ٿي آهي ته ان کي تسليم ڪريو. رپورٽ ۾ ڪنهن به هڏي ٽٽڻ جو ذڪر ناهي. ان تي پوليس سرجن چيو ته معائني دوران ڪو واضح فريڪچر نظر نه آيو.جڊيشل ڪميشن پڇيو ته توهان صرف هڪ گولي جو نشان ڏٺو، ڇا توهان کي لاش جو چهرو ڊي ڪمپوز ٿيل لڳو؟ اها غلطي هئي،لاپرواهي هئي يا قتل جي سهولتڪاري هئي؟ڪميشن پڇيو ته رپورٽ تبديل ڪرڻ لاءِ توهان کي ڪنهن چيو هو؟ ڇا توهان کي وزيراعليٰ هائوس گهرايو ويو هو؟ جنهن تي ڊاڪٽر اسامه چيو ته مون تي ڪنهن جو دٻاءُ نه هو،ڊي آءِ جي ايسٽ فرخ لنجار فون ڪري سي ايم هائوس گهرايو هو،اتي رپورٽ جي ٽائم لائن بابت ڳالهايو ويو، ان کان اڳ مير رضا جي والد پوليس کي ٻڌايو ته فيروز آباد ٿاڻي فوري طور ايف آءِ آر داخل ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ چيو ته نوجوان آهي، ناراض ٿي گهر کان هليو ويو هوندو.والد ڪميشن کي ٻڌايو ته ون فائيَو تي رابطو ڪرڻ باوجود پوليس جي ڪا موبائل نه آئي..مير رضا جي والده ڪميشن کي ٻڌايو ته رات جو مير رضا جو بزنس پارٽنر ۽ ڪجهه ٻيا دوست گهر آيا. مير رضا جي دوستن ڪمري جي تلاشي ورتي. مون پڇيو ته ڇا ڳولي رهيا آهيو؟ هنن چيو ته شايد ڪو بس جو ٽڪيٽ هجي. مون کي سمجهه ۾ نه آيو ته دوست ڇا ڳولي رهيا هئا. بعد ۾ ٻيهر ڳولڻ تي مير رضا جو پارٽنرشپ معاهدو غائب هو. هن ڪميشن کي ٻڌايو ته گيسٽ هائوس جو دروازو بند هو، تنهنڪري اسان ٻاهران ئي اندر موجود ڇوڪرن کي رضا جي تصوير ڏيکاري. تصوير ڏسندي ئي اندر موجود ڇوڪرا اندر ڀڄي ويا.ڪميشن چيو ته ممڪن آهي ته ڇوڪرا ڊڄي ويا هجن، جنهن تي مير رضا جي والده چيو ته اسان جي تصوير ڏيکاريندي ئي گيسٽ هائوس ۾ ڀاڄ پئجي وئي.

You might also like