ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي فتنه الهندوستان ۽ فتنه الخوارج خلاف ڪارروائين دوران 21 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 2 آفيسر ۽ ڪسٽمز کاتي جي هڪ اهلڪار سميت 6 جوان شهيد ٿي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب، 31 آگسٽ ۽ پهرين سيپٽمبر جي وچ واري رات چاغي جي علائقي نوڪچا ۽ ضلعي پشين جي زيارت ڪراس ۾ ڪارروائيون ڪيون ويون.
آءِ ايس پي آر موجب، فتنه الهندوستان جي دهشتگردن ڪوئيٽا-تفتان قومي شاهراهه اين 40 تي مسافرن جي اچ وڃ ۾ خلل وجهڻ ۽ غيرقانوني چيڪ پوسٽ قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي سيڪيورٽي فورسز فوري ڪارروائي ڪندي 11 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو.
ٻي ڪارروائي ۾ سيڪيورٽي فورسز ڪسٽمز هائوس تي فتنه الخوارج جو حملو ناڪام بڻائيندي 10 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو.
آءِ ايس پي آر موجب، فرار ٿيندڙ دهشتگردن کي به نشانو بڻايو ويو، جڏهن ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 2 آفيسر ۽ ڪسٽمز کاتي جي هڪ اهلڪار سميت 6 بهادر جوان شهيد ٿي ويا.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ڪسٽمز هائوس تي حملو دهشتگردي ۽ ڏوهاري سرگرمين جي ڳٺ جوڙ جو مظهر هو، جنهن جو مقصد ڪسٽمز اهلڪارن کي قانوني ذميوارين کان روڪڻ ۽ علائقي ۾ جاري ڏوهاري سرگرمين کي هٿي ڏيڻ هو.
You might also like