ڪراچي (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ دوري دوران پاڪستان ٽيم جي مايوس ڪندڙ ڪارڪردگي کانپوءِ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي تازن فيصلن تي اڳوڻن ڪرڪيٽرن سخت تنقيد ڪئي آهي.
اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي چيو آهي ته ٽي ٽوئنٽي رانديگرن کي انگلينڊ ۾ ٽيسٽ ميچ لاءِ شامل ڪرڻ حيران ڪندڙ فيصلو آهي.
اڳوڻي هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر چيو ته پي سي بي مسلسل تبديليون ڪندو رهي ٿو، ٽيم ۾ ڪنهن به قسم جو استحڪام نظر نٿو اچي.
اڳوڻي ڪپتان شعيب ملڪ جو چوڻ هو ته احتساب جو عمل انگلينڊ جو دورو مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ٿيڻ گهرجي.
انگلينڊ جي اڳوڻي ڪپتان ڪيون پيٽرسن پڻ پاڪستان ٽيم ۾ ٿيندڙ تبديلين تي حيرانگي جو اظهار ڪندي چيو ته رانديگرن کي واپس موڪلڻ سميت ايتريون تبديليون، ڇا واقعي اهو سڀ ڪجهه ٿيو آهي؟
”ٽي ٽوئنٽي رانديگرن کي ٽيسٽ ۾ ڇو آندو ويو؟“ پاڪستاني ٽيم ۾ اوچتو تبديلين تي سوال اُٿڻ لڳا
You might also like