لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب اسيمبلي 16 سالن کان ننڍي عمر وارن ٻارن جي سوشل ميڊيا استعمال تي پابندي جو ٺهراءُ منظور ڪري ورتو آهي.
حڪومتي اسيمبلي ميمبر سارا احمد طرفان پيش ڪيل ٺهراءَ ۾ چيو ويو آهي ته ٻارن جي جسماني، ذهني ۽ اخلاقي واڌ ويجهه جو تحفظ رياست جي ذميواري آهي.
ٺهراءُ جي متن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته سوشل ميڊيا تي اڻوڻندڙ مواد ٻارن کي ذهني دٻاءَ ۽ ٻين خطرن سان منهن ڏيڻ تي مجبور ڪري رهيو آهي.
You might also like