اسپانٽڪ چوٽي سر ڪندڙ جبل چاڙهو اسما مشتاق جو مڙهه ملي ويو

شگر (ويب ڊيسڪ) اسپانٽڪ چوٽي سر ڪندڙ پاڪستاني عورت جبل چاڙهو ڊاڪٽر اسما مشتاق جي مڙهه ملي ويو آهي.
ڊاڪٽر اسما مشتاق 21 آگسٽ تي ڪئمپ ٿري ۾ بيماري وگهي فوت ٿي وئي هئي، جنهن کانپوءِ سندس مڙهه برف ۾ دٻجي وڃڻ سبب نه ملي رهيو هو.
شگر جي ڊپٽي ڪمشنر شير افضل موجب، سرچ آپريشن دوران مقامي جبل چاڙهو جو لاش هٿ ڪري بيس ڪئمپ ڏانهن روانو ڪيو ويو آهي.
سندس چوڻ هو ته بلند جبلن تي شام کان برفباري جاري آهي ۽ ٽيم جا ميمبر لاش سان گڏ ڪئمپ ٽو تائين پهچي ويا آهن، برفباري سبب رنڊڪ پيدا نه ٿي ته ٽيم سڀاڻي بيس ڪئمپ پهچي ويندي.

 

You might also like