واٽس ايپ اڪائونٽ هيڪ ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ نئون پاسورڊ سسٽم متعارف

اٽس ايپ واهپيدارن جي اڪائونٽن کي وڌيڪ محفوظ بڻائڻ لاءِ ٽو اسٽيپ ويري فڪيشن سسٽم ۾ تبديلي آڻي رهيو آهي.
هن وقت ٽو اسٽيپ ويري فڪيشن لاءِ 6 انگن تي ٻڌل پن استعمال ڪيو ويندو آهي، جنهن کي هاڻي پاسورڊ سان تبديل ڪيو پيو وڃي. نئين سسٽم ۾ پاسورڊ اکرن ۽ انگن تي ٻڌل هوندو، جنهن سان اڪائونٽ کي هيڪنگ کان وڌيڪ مضبوط تحفظ ملندو.
واٽس ايپ موجب، اها تبديلي مرحليوار متعارف ڪرائي پئي وڃي، تنهنڪري ممڪن آهي ته نئون آپشن ڪجهه واهپيدارن لاءِ فوري طور دستياب نه هجي.
واٽس ايپ جو پن پاسورڊ سان ڪيئن تبديل ڪجي؟
هي فيچر دستياب ٿيڻ کانپوءِ واٽس ايپ جي سيٽنگز ۾ وڃي اڪائونٽ ۽ پوءِ ٽو اسٽيپ ويري فڪيشن تي ڪلڪ ڪرڻو پوندو.
اتي نئين پاسورڊ جو آپشن نظر ايندو، جنهن ذريعي پاسورڊ ٺاهي سگهجي ٿو.
ان کانسواءِ واهپيدار رڪوري اي ميل پڻ شامل ڪري سگهندا.
نئون پاسورڊ گهٽ ۾ گهٽ 8 اکرن تي ٻڌل هوندو، جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ اکر يا انگ شامل ڪرڻ لازمي هوندو، جڏهن ته اسپيشل ڪيريڪٽر شامل ڪرڻ اختياري هوندو.

You might also like