صوبن کي انتظامي يونٽ چوڻ ائين آهي جيئن ڪالاباغ جو نالو انڊس ڊيم رکڻ: اياز لطيف پليجو

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجي سنڌ ۾ نوان انتظامي يونٽ ٺاهڻ واري معاملي تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته صوبن کي انتظامي يونٽ چوڻ ائين آهي، جيئن ڪالاباغ جو نالو انڊس ڊيم رکڻ.
سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ اياز لطيف پليجي چيو ته رشوت کي خرچو، ڀتي کي منٿلي ۽ لڄالٽ کي زيادتي سڏڻ جهڙيون سازشون بند ڪيو، سنڌين کي جاهل نه سمجهو، اوهان کي سڃاڻن ٿا.

You might also like