آمريڪا واعدا پاڙي ته ايران به اڳڀرائي لاءِ تيار آهي: پزشڪيان

تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني صدر مسعود پزشڪيان چيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تحت پنهنجون ذميواريون نڀائڻ طرف واپس اچي ٿو ته ايران به معاهدي تي عملدرآمد فوري طور ٻيهر شروع ڪري ڇڏيندو.
شنگهائي سهڪار تنظيم (ايس سي او) جي سربراهي اجلاس کي خطاب ڪندي مسعود پزشڪيان چيو ته ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ طئي ٿيل اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تي آمريڪي صدر جا صحيحا موجود هئا، پر ان دستاويز سان آمريڪا جي وابستگي ٻن هفتن کان به گهٽ عرصي تائين برقرار رهي.
هن چيو ته آمريڪا طرفان پنهنجن واعدن ۽ ذميوارين جي ڀڃڪڙي جي جواب ۾ ايران به متناسب ردعمل ڏنو هو.

You might also like