ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي سليڪشن ڪميٽي جي ميمبر ۽ اڳوڻي قومي ڪپتان مصباح الحق پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.
مصباح الحق جي ويجهن ذريعن موجب، ڳوڻي ڪپتان چونڊ ڪميٽي کان الڳ ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته استعيفيٰ جا ڪارڻ ۽ باضابطا طور استعيفيٰ جمع ڪرائڻ بابت وڌيڪ تفصيل سامهون نه اچي سگهيا آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته مصباح الحق جو نوٽيس پيريڊ شروع ٿيندو، جنهن بابت هن پي سي بي کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي ۽ هو نوٽيس پيريڊ مڪمل ڪرڻ کانپوءِ پي سي بي کان ڌار ٿي ويندو.
You might also like