اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناليواري صحافي حامد مير راڄڌاني اسلام آباد ۾ تيز وسڪاري کانپوءِ ردعمل ڏيندي چيو آهي ته اسلام آباد ايڪسپريس وي ڪيترن ئي هنڌن تان برساتي پاڻي ۾ ٻڏي وئي آهي، جنهن سبب هزارين گاڏيون ٽريفڪ ۾ ڦاسي پيون آهن.
حامد مير چيو ته اسلام آباد پوليس ماڻهن جي مدد ڪري رهي آهي، پر شهر ۾ هڪ اثرائتي مڪاني حڪومت جي ضرورت آهي.
هن چيو ته، ”گهٽ ۾ گهٽ اسلام آباد کي ئي نئون صوبو بڻائي ڇڏيو، جيئن ڪو ته عوام جا مسئلا حل ڪري.“