اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) سيپٽمبر 2026ع لاءِ ايل پي جي جي اگهن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، جنهن تحت ايل پي جي جي في ڪلو قيمت ۾ 4 رپيا 33 پيسا واڌ ڪئي وئي آهي.
اوگرا جي نوٽيفڪيشن موجب، قيمت ۾ واڌ کانپوءِ 11.8 ڪلوگرام ايل پي جي سلينڊر جي قيمت ۾ 51 رپيا 17 پيسا واڌ ٿي آهي، جنهن کانپوءِ سلينڊر جي نئين قيمت 3 هزار 52 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي.
واضح رهي ته گذريل مهيني 11.8 ڪلوگرام ايل پي جي سلينڊر جي قيمت 3 هزار رپيا هئي. نئين قيمت جو اطلاق سيپٽمبر 2026ع لاءِ ٿيندو.
You might also like