پاڪستان ۾ سون سوين رپيا سهانگو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ 1800 رپين جي لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، ملڪ ۾ في تولو سون 1800 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 4 لک 66 هزار 136 رپين جو ٿي ويو آهي..
ايسوسيئيشن موجب، 10 گرام سون 1543 رپيا لاٿ بعد 3 لک 99 هزار 636 رپين ۾ وڪروٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ به في اونس سون 18 ڊالر سستو ٿيڻ کانپوءِ 4436 ڊالر جو ٿي ويو آهي.

 

You might also like