سنڌ ۾ وڌيڪ صوبا ٺاهڻ جي تجويز رد، ”سنڌ هڪ آهي ۽ هميشه هڪ رهندي“ مراد علي شاهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ ۾ وڌيڪ صوبا ٺاهڻ جي تجويز کي رد ڪندي چيو آهي ته ”سنڌ هڪ آهي ۽ هميشه هڪ رهندي.“
سومر ڏينهن سنڌ اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي مراد علي شاهه چيو ته لاهور جا واپاري ويهي اهو فيصلو نه ڪندا ته سنڌ کي ورهائڻ گهرجي. سنڌ اسيمبلي جا ميمبر ڪيترائي ڀيرا فيصلو ڪري چڪا آهن ته سنڌ جا حصا نه ٿيندا، سنڌ هڪ آهي ۽ هميشه هڪ ئي رهندي.
مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته نوان صوبا ٺاهڻ يا نه ٺاهڻ جو فيصلو اسان ڪنداسين، نه ڪا عدالت فيصلو ڪندي ۽ نه ئي روڊن تي نڪتل ڪو شخص اهو فيصلو ڪندو.
هن چيو ته فيصلو هن ايوان ۾ ٿيندو، بحث هن ايوان ۾ ٿيندو، فيصلو هي ايوان ڪندو ۽ ان شاءَ الله اهڙو فيصلو ڪندو، جنهن سان جيڪي ٻيا آواز اٿي رهيا آهن، انهن سڀني جا منهن بند ٿي ويندا.
واضح رهي ته سنڌ اسيمبلي ۾ نون صوبن بابت بحث جاري آهي، جيڪو ايندڙ ڪجهه ڏينهن تائين جاري رهندو، جنهن کانپوءِ حڪمران جماعت پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان ٺهراءُ پيش ڪيو ويندو.
ياد رهي ته سنڌ اسيمبلي پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ هيل تائين صوبي جي ورهاڱي خلاف پنج ٺهراءَ منظور ڪري چڪي آهي.
پهريون ٺهراءُ 10 فيبروري 1948ع تي پيش ڪيو ويو، جڏهن ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪري وفاق حوالي ڪرڻ جو معاملو سامهون آيو هو، اهو ٺهراءُ قاضي اڪبر جمع ڪرايو ۽ محمد اعظم ايوان ۾ پيش ڪيو.
اهو ٺهراءُ اڪثريتِ راءِ سان منظور ٿيو، پر پوءِ ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪري وفاقي علائقو قرار ڏنو ويو.
ٻيو ٺهراءُ 6 مارچ 1954ع تي اپوزيشن ليڊر ۽ قومپرست اڳواڻ سائين جي. ايم. سيد پيش ڪيو. ٺهراءَ ۾ حڪومت پاڪستان کان مطالبو ڪيو ويو ته ڪراچي شهر ۽ ان سان لاڳاپيل وفاقي علائقو ٻيهر سنڌ ۾ شامل ڪيو وڃي.
ٺهراءَ ۾ اهو موقف پڻ اختيار ڪيو ويو ته ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جا سبب اڻپورا هئا ۽ ان فيصلي جي نتيجي ۾ سنڌ حڪومت کي گاديءَ جي هنڌ ۽ آمدني جي ٿيل نقصان جو ازالو به نه ڪيو ويو.
ٽيون ٺهراءُ 25 سيپٽمبر 2014ع تي ڪراچي جي امڪاني عليحدگي خلاف منظور ڪيو ويو، اهو ٺهراءُ ان وقت جي اپوزيشن ليڊر محمد شهريار خان مهر پيش ڪيو هو ۽ ايوان اڪثريتِ راءِ سان منظور ڪيو.
چوٿون ٺهراءُ 16 سيپٽمبر 2019ع تي منظور ڪيو ويو، جنهن تي مختلف سياسي جماعتن سان واسطو رکندڙ اسيمبلي ميمبرن صحيحون ڪيون هيون.
هن ٺهراءَ ذريعي ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جي ڪنهن به تجويز کي رد ڪيو ويو.
پنجون ٺهراءُ 21 فيبروري 2026ع تي سنڌ اسيمبلي منظور ڪيو.
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه طرفان پيش ڪيل ٺهراءُ متفقه طور منظور ٿيو، هن ٺهراءَ ۾ ڪراچي کي سنڌ جو تاريخي، آئيني ۽ انتظامي حصو قرار ڏيندي چيو ويو ته ان جي حيثيت ۾ ڪنهن به هڪ طرفي تبديلي قبول نه ڪئي ويندي.

You might also like