مڪو شريف (ويب ڊيسڪ) حرا ڪلچرل ڊسٽرڪٽ ۾ قائم ميوزيم ۾ قرآن پاڪ جي ٽِين صدي هجريءَ جي ناياب نسخي جي نمائش جاري آهي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، اِهو تاريخي ۽ ناياب ورق قرآن پاڪ جي ڪتابت جي شروعاتي دور ۽ ان جي تحفظ جي سفر کي اجاگر ڪري ٿو.
نمائش ۾ رکيل هڪ ورق سوره مريم جي هڪ حصي تي ٻڌل آهي، جيڪو چمڙي مان ٺهيل ورق تي ڳاڙهي مس سان لکيو ويو آهي، ان ۾ اعراب ۽ نقطا موجود ناهن، جيڪي شروعاتي قرآني ڪتابت جي هڪ نمايان خصوصيت هئا، اها خصوصيت هن ورق کي علمي ۽ تاريخي لحاظ کان منفرد بڻائي ٿي.
هي نسخو ميوزيم جي سياحن کي قرآني ڪتابت جي ارتقا ۽ شروعاتي اسلامي صدين دوران قرآن پاڪ لکڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ طريقن بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو.
هي ناياب قرآني نسخو ڪنگ عبدالعزيز لائبريري جي ذخيري ۾ محفوظ آهي، جيڪا اسلامي ورثي ۽ ناياب خطاطي جي تحفظ ۽ تحقيق جي حوالي سان نمايان ڪردار ادا ڪري رهي آهي.
You might also like