سنڌ ۽ پنجاب جا نالا ساڳيا رهندا،نون صوبن تي ريفرنڊم ٿي سگهي ٿو

اسلام آباد(عمر چيما)طاقتور ترين شخصيت هفتو اڳ بلوچستان سان تعلق رکندڙ اسيمبلي ميمبرن،اڳوڻن ميمبرن،سوشل ميڊيا انفلوئنسرز جو ڪٺ گهرايو هو جنهن ۾ بلوچستان جو اڳوڻو وڏو وزير ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ به پوئين سيٽن تي ويهي شريڪ هو، طاقتورشخصيت جي نظر جڏهن ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ تي پئي ته هن کيس مخاطب ٿي چيو ته توهان اڳوڻا وڏا وزير رهيا آهيو،بلوچستان جي حالتن تي وزيراعظم کي خط به لکندا رهيا آهيو،توهان پوئتي ڇو ويٺا آهيو،اڳتي اچي ويهو،توهان وٽ بلوچستان مسئلي جو ڪو حل هجي ته ٻڌايو جنهن تي ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ چيو ته نه مان هتي ٺيڪ آهيان،اڄ به ڪجهه چوڻ نه ٻڌڻ آيو آهيان،طاقتور شخصيت چيو ته مڪاني ادارن بدران صوبن تي ڳالهه ٿيندي، سنڌ، پنجاب اهي ئي رهندا،سنڌ سنڌ رهندي،پنجاب پنجاب رهندو،جهيڙو ڪهڙي ڳالهه تي آهي؟ هن چيو ته پنجاب ۾ ڏکڻ پنجاب،اتر پنجاب، اوڀر پنجاب، اولهه پنجاب، پوٺوهاري پنجاب ٺهي ويا ته نالا ته اهي ئي رهندا،ان ۾ پريشاني واري ڳالهه ناهي،هن چيو ته نون صوبن تي عوام جي راءِ ورتي ويندي،ڪو ريفرنڊم ٿي سگهي ٿو،جمهوريت جي باري ۾ هن  چيو ته اسان وٽ جمهوريت جو سافٽ ويئر اچي ويو،هارڊ ويئر آيو ئي ناهي،خبر ئي ناهي ته علائقي مان چونڊيل نمائندو ڪيترا سيڪڙو ووٽ کڻي آيو آهي؟ هن چيو ته اڳتي لاءِ سسٽم اهڙو هئڻ گهرجي جنهن ۾ 50 سيڪڙو ڪنهن جا ووٽ گهٽ هجن ته اتي ٻيهر اليڪشن ڪرائي وڃي،جيڪڏهن ٻيهر ووٽ گهٽ هجن ته ٻيهر اليڪشن ڪرائي وڃي،50 سيڪڙو کان وڌيڪ ووٽ کڻندڙ اميدوار لاءِ پوءِ چيو ويندو ته واقعي اهو عوام ۾ مقبول آهي،ان سان ماڻهن جي ووٽن واري عمل ۾ دلچسپي به وڌندي،ان سان سياسي پارٽين ۾ عوام جي راءِ ٻڌڻ جو موقعو به وڌندو،بلوچستان ۾ عليحدگي پسندن بابت طاقتور شخصيت چيو ته بي ايل اي وارن سان ڪي به ڳالهيون نه ٿينديون،ٻار به نافرمان ٿيندو آهي ته ان کي ٿڦ هنئي ويندي آهي،بار بار ڳالهين سان ڪجهه ناهي مليو،انهن سان جنگ ئي ٿيندي،انهن ويڙهاڪن سان ايستائين وڙهنداسين جو انهن تي غالب اچي وڃون،طاقتور شخصيت عليحدگي پسندن سان جنگ جي حوالي سان ڪيترين ئي قرآني آيتن جو به حوالو ڏنو،هن ويڙهاڪن جا نالا به کنيا ۽ چيو ته فلاڻي فلاڻي سان ڳالهيون نه ٿينديون،هن ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ کي به مخاطب ٿي چيو ته توهان خطن ۾ جن اشوز جو ذڪر ڪندا آهيو ان جو ذڪر ڪريو ته هينئر ئي ان تي بحث ڪريون

You might also like