”ڪير سنڌ جا ٽڪرا ڪرڻ چاهي ٿو“ مهملي رٿ ۾ انهن کي وائکو ڪرائينداسين

 ڪراچي(رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کھڙو چيو آهي ته ملڪ ۾ نون صوبن ۽ انتظامي يونٽن جي معاملي بابت مھملي واري رٿ تي سنڌ اسيمبلي جي اڪثريتي راءِ ۽ فيصلي کان پوءِ قرارداد منظور ڪئي ويندي. آچر ڏينهن جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته نون صوبن ۽ انتظامي يونٽن بابت مھملي واري رٿ تي بحث دوران اهو رڪارڊ تي آڻڻ چاهيون ٿا ته ڪير ڪير سنڌ جا ٽڪرا ڪرڻ چاهي ٿو ۽ اهي سنڌ جي عوام آڏو وائکا ٿي ويندا.ھن چيو ته اهو سوال ۽ تنقيد ڪئي پئي وڃي ته مھملي واري رٿ تي بحث ڪرائي نون صوبن جي حامين کي ڳالهائڻ جو موقعو ڇو فراهم ڪيو پيو وڃي، جيڪڏهن قرارداد به آندي وڃي ها ته نون صوبن جا حامي ايوان ۾ ڳالهائي سگهن ها۔ ھن چيو ته مھملي واري رٿ تي بحث دوران ڪشمور کان ڪراچي تائين پيپلز پارٽي جا نمائندا آئيني فورم تي نون صوبن ۽ انتظامي يونٽن جي مطالبن ۽ تجويزن کي ڀرپور موقف سان رد ڪندا ۽ جيڪي نون صوبن جا حامي هوندا اهي به رڪارڊ تي عوام آڏو وائکا ٿي ويندا.ھن چيو ته پيپلز پارٽي اڳ به پنج ڀيرا نون صوبن خلاف قرارداد منظور ڪري چڪي آهي پوءِ به ٻيهر نون صوبن جا مطالبا ۽ ڳالهيون سامهون اچن ٿيون ته عوام پيپلز پارٽي کان مطالبو ڪري ٿو ته ايوان ۾ قرارداد آندي وڃي ان ڪري ايوان ۾ بحث کان پوءِ اڪثريتي راءِ ۽ فيصلي جي روشني ۾ قرارداد منظور ڪئي ويندي۔ نثار کھڙو چيو ته جيڪڏهن سڀاڻي اهو مطالبو زور وٺي ته نون صوبن ۽ انتظامي يونٽن بابت ريفرنڊم ڪرايو وڃي ته پوءِ ڇا فيصلو جلسن ۾ ڪيو ويندو؟ هن چيو ته نون صوبن ۽ انتظامي يونٽن خلاف اڪثريتي راءِ سان فيصلو اسيمبلي کي ڪرڻو آھي ۽ اھو ئي آئيني طريقو آهي. ھن چيو ته نون صوبن ۽ انتظامي يونٽن جا مطالبا ڪندڙ ايوان اندر توڙي ٻاهر پريس ڪانفرنسن ۽ جلسن ۾ به پنهنجا مطالبا ڪري رهيا آهن ته ڇا ڪنهن کين اهڙا مطالبا ڪرڻ يا ڳالهائڻ کان روڪيو آهي؟ نثار کھڙو وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي ۽ سنڌ جو عوام سنڌ ڌرتيءَ جو ورهاڱو ڪنهن به صورت ۾ ٿيڻ نه ڏيندو ۽ ايوان ۾ بحث کان پوءِ اڪثريتي راءِ سان نون صوبن ۽ انتظامي يونٽن کي رد ڪري قرارداد منظور ڪئي ويندي.ھن چيو ته جنهن ڏينهن کان نون صوبن ۽ انتظامي يونٽن جون ڳالهيون شروع ٿيون آهن ان ڏينهن کان وٺي پريس ڪانفرنسن، جلسن، سيمينارن ۽ ايوان سميت هر فورم تي نون صوبن جي ڳالهين کي رد ڪري سنڌ جي وحدت جو تحفظ ڪيو آهي ۽ ڪندو رهندس.ھن چيو ته اختلاف ڀلي رکيا وڃن پر پاڻي ۽ سنڌ جي وحدت جي معاملي تي هر فورم تي فرنٽ لائن تي سنڌ جو ڪيس وڙهان ٿو ۽ وڙهندو رهندس ان ڪري غداريءَ جا سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ قطعي مناسب ناهن۔نثار کھڙو چيو ته سنڌ جي وحدت جو آئيني فورمن تي دفاع ۽ تحفظ ڪندڙن لاءِ غداريءَ جا سرٽيفڪيٽ جاري ڪري سنڌ جي گڏيل طاقت کي ڪمزور نه ڪيو وڃي.

You might also like