نون صوبن جو حامي آهيان، جيئرو رهيس ته شايد بلاول کي وزيراعظم بڻجندي ڏسان: عمران اسماعيل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اڳوڻي گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته جيڪڏهن زندگي رهي ته شايد بلاول ڀٽو زرداري کي به وزيراعظم بڻجندي ڏسان.
پنهنجي تازي بيان ۾ عمران اسماعيل چيو ته جيڪڏهن ڪو پنهنجي قابليت جي بنياد تي وزيراعظم بڻجي ته اها سٺي ڳالهه آهي، پر رڳو ڀٽو جو پٽ هئڻ يا نالي سان شريف لڳائڻ سبب ڪنهن کي وزيراعظم نه بڻجڻ گهرجي.
اڳوڻي گورنر چيو ته هو ننڍن صوبن ۽ اختيارن جي هيٺين سطح تائين منتقلي جو حامي آهي. پاڪستان کي اڳتي وٺي وڃڻو آهي ته اسان کي جذباتيت مان ٻاهر نڪرڻو پوندو.
هن سوال ڪيو ته شهرن کي ملندڙ بجيٽ جو ڪو حساب آهي؟ اسان ۾ ڪهڙيون خاميون آهن، جن سبب اسان ملڪ کي اڳتي وٺي نٿا وڃون؟ گورننس لاءِ سمورين سياسي پارٽين کي گڏجي سوچڻو پوندو ۽ سياسي جماعتن کي گڏجي قومي ايجنڊا ٺاهڻي پوندي.
عمران اسماعيل جو چوڻ هو ته چيو ويندو آهي ته صوبا نه ٺهڻ گهرجن، ڇو ته اسان حساس آهيون، دنيا ۾ ميئر تمام گهڻو بااختيار هوندو آهي، پر هتي هر ميئر چوندو آهي ته وٽس پئسا ۽ اختيار ناهن.
هن چيو ته وڏي وزير مراد علي شاهه جي ويجهو سمجهيو ويندڙ ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب به پئسا نه هجڻ جي ڳالهه ڪندو رهيو آهي. پئسو سنڌ حڪومت وٽ ته وڃي ٿو، پر هيٺين سطح تائين نٿو پهچي.

 

You might also like