مولانا فضل الرحمان سڀاڻي سنڌ پهچندو، دوري جو شيڊيول پڌرو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جي يو آءِ ف جو سربراهه مولانا فضل الرحمان 30 آگسٽ آچر ڏينهن اهم دوري لاءِ سنڌ پهچندو ۽ سکر ۾ جي يو آءِ سنڌ جي جنرل ڪائونسل جي اجلاس کي خصوصي خطاب ڪندو.
جي يو آءِ سنڌ جي مجلسِ عمومي جو اهم اجلاس جي يو آءِ سنڌ جي امير مولانا عبدالقيوم هاليجوي جي صدارت هيٺ ٿيندو.
مولانا فضل الرحمان جي دوري دوران تنظيمي معاملن، ملڪ جي صورتحال ۽ عالمي امن ميڙاڪي بابت اهم مشاورت ڪئي ويندي، جڏهن ته هو مستقبل جي سياسي ۽ تنظيمي حڪمت عملي بابت اڳواڻن سان صلاح مشورا ڪندو.
جي يو آءِ پاڪستان جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري مولانا عبدالغفور حيدري به سنڌ جي دوري ۾ شرڪت ڪندو، جڏهن ته ملڪ جي چئن ئي صوبن جا امير پڻ مولانا فضل الرحمان سان گڏ دوري ۾ شريڪ ٿيندا.
مولانا فضل الرحمان سنڌ ۾ مختلف تنظيمي پروگرامن ۾ شرڪت ڪندو، جڏهن ته جي يو آءِ سنڌ جي تنظيمي سرگرمين کي وڌيڪ منظم ۽ سرگرم بڻائڻ تي خاص ڌيان ڏنو ويندو.
31 آگسٽ تي جامعه اسلاميه اشاعت القرآن دودائي، لاڙڪاڻي ۾ جي يو آءِ سنڌ جو جو اهم اجلاس ٿيندو.
لاڙڪاڻي ۾ انٽرنيشنل پيس ڪانفرنس جي سمورين ڪميٽين جو گڏيل اجلاس به ڪوٺايو ويندو، جنهن ۾ عالمي امن اجتماع ۽ انٽرنيشنل پيس ڪانفرنس جي تيارين جو تفصيلي جائزو ورتو ويندو.
پيس ڪانفرنس جي انتظامن ۽ ڪاميابي لاءِ اهم فيصلا ۽ ايندڙ حڪمت عملي طئي ڪئي ويندي.
صوبائي سيڪريٽري علامه راشد محمود سومرو چيو ته موجوده ملڪي صورتحال ۽ عالمي امن جي پسمنظر ۾ مولانا فضل الرحمان جو سنڌ جو دورو انتهائي اهم آهي، دوري دوران مستقبل جي حڪمت عملي بابت اهم مشاورت ڪئي ويندي.
هن چيو ته مولانا فضل الرحمان جو سنڌ جو دورو جي يو آءِ جي تنظيمي مضبوطي ۽ عوامي رابطن لاءِ اهم اڳڀرائي آهي، جڏهن ته دوري ذريعي عالمي امن جي پيغام کي وڌيڪ اثرائتي انداز ۾ اجاگر ڪيو ويندو.

You might also like