نوڪرين جي ڳولا بدران نوجوانن کي نوڪريءَ لاءِ تيار ڪرڻ سنڌ حڪومت جو مقصد آهي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ”آءِ ورڪ فار سنڌ“ صوبي جي نوجوانن لاءِ هڪ مڪمل ڊجيٽل ڪيريئر ايڪو سسٽم بڻجي چڪو آهي.
هڪ بيان ۾ هن چيو ته ”آءِ ورڪ فار سنڌ“ ذريعي نوجوانن کي روزگار جا موقعا، جديد ڪورسز ۽ مختلف سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن.
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ”آءِ ورڪ فار سنڌ“ تي هنيئر تائين 4 لک 45 هزار کان وڌيڪ نوڪرين جون درخواستون گڏ ڪيون ويون آهن.
هن چيو ته سنڌ حڪومت جو مقصد نوجوانن کي رڳو نوڪري ڳوليندڙ نه پر نوڪري لاءِ تيار ڪرڻ آهي.

You might also like