تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي الزام لڳايو آهي ته عالمي توانائي مارڪيٽن تي اثرانداز ٿيڻ جون ڪوششون يون پيون وڃن ۽ ان جو سڌو اثر عام آمريڪي واهپيدارن تي پئجي رهيو آهي.
ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ عباس عراقچي دعويٰ ڪئي ته ايران جي انٽيليجنس ذريعن موجب توانائي مارڪيٽن سان ”کيڏڻ“ يا انهن تي اثرانداز ٿيڻ جون وڏيون ڪوششون جاري آهن.
هن الزام لڳايو ته آمريڪي حڪومت سان واڳيل ڪجهه عنصر ميڊيا کي استعمال ڪندي اگهن تي اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، جيئن ذاتي مفاد حاصل ڪري سگهجن ۽ آمريڪي صدر کي هڪ ”هارائيندڙ جنگ“ ۾ الجهايو وڃي.
عباس عراقچي اِها به دعويٰ ڪئي ته اسرائيل جون حامي ڪجهه ڌريون جنگ بابت حد کان وڌيڪ پراميد اندازا پيش ڪري رهيون آهن ۽ جنگ جي حق ۾ بيانئي کي هٿي ڏئي رهيون آهن.
ايراني پرڏيهي وزير موجب، انهن سمورين سرگرمين جو اصل بار آمريڪي واهپيدارن تي پئجي رهيو آهي، جيڪي توانائي جي اگهن ۾ لاهن چاڙهن جا اثر سڌيءَ ريت محسوس ڪري رهيا آهن.